ميوزڪ لائين اسٽوڊيو طرفان نئون سرائيڪي گانواچڻ وارو،چاهيندڙن پاران واکاڻ

ڪراچي (شوبز نيوز) ميوزڪ لائين اسٽوڊيو طرفان پروڊيوسر جاويد بروھي ۽ وفا خالد ميمڻ صاحب جي محنتن سان خانصاحب عرفان سمون جي لاجواب موسيقي ۾ بھترين شاعر عبدالحق ڏيپر جي شاعري ۾ سميرا علي جي مٺڙي درديلي آواز ۾ ۽ وڊيو ڊائريڪٽر پرويز سومرو جي ڊائريڪشن ۾ ھڪ بھترين گيت “جدائي” اچي رھيو آهي ـ ان حوالي سان ڳالهائيندي جاويد بروھي ٻڌايو ته سنگر سميرا علي جو ھڪ ٻيو ڊوئٽ سرائڪي گيت جيڪو پاڪستان جي ناليواري فنڪار سان رڪارڊ ٿي رھيو آهي جنهن جو وڊيو شوٽ گوادر ۾ ٿيندو ـ سنگر سميرا علي پنهنجي بيان ۾ چيو ته مان شڪر گذار آھيان پروڊيوسر جاويد بروھي صاحب جي جن مونکي ھن منزل تي پڄايو آهي ـ جاويد بروهي هميشا غريب فنڪارن جي مدد ڪندو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو