پولٽري مصنوعات جي برآمد تي پابندي جو فيصلو ڪالعدم قرار

اسلام آباد(بيورو)سپريم ڪورٽ پولٽري شين جي برآمد تي پابندي جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران وڪيل دليل ڏيندي چيو ته امپورٽ، ايڪسپورٽ پاليسي ۽ قيمتون مقرر ڪرڻ عدالت جو نه پر حڪومت جو اختيار آهي.سپريم ڪورٽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي چيو آهي ته تفصيلي سبب بعد ۾ جاري ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو