ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف جو چوڻ آهي ته حسنين جي اوور ۾ جڏهن ليام ڊوسن 24 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو ته ان کانپوءِ به سندس ذهن هڪ ئي هو ته هو آخري رن تائين هار نه مڃي ۽ پنهنجو سو سيڪڙو ڏئي.نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ جڏهن حارث رئوف اننگز جي 19هين اوور کي بالنگ ڪرڻ آيو ته انگلينڊ کي فتح لاءِ 12 بالن تي 9 رنسون گهربل هيون پر پوءِ راند تبديل ٿي وئي ۽ پاڪستان ٽن رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي.حارث رئوف ٻن بالن تي ٻه وڪيٽون وٺي راند جو رخ موڙي ڇڏيو کٽڻ کانپوءِ ڳالهائيندي حارث رئوف جو چوڻ هو ته جنهن طرح ليام ڊوسن بيٽنگ ڪري رهيو هو، ان ۾ سندس خلاف هڪ پلان آيو هو ته سندس ڪمزوري هئي ته ٽارگيٽ ٺاهي بالنگ ڪري، جنهن ۾ کيس فائدو ٿيو ۽ پوءِ ٽيل اينڊرز کيڏيو. پاڪستاني ٽيم ميچ ۾ 166 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، ٽارگيٽ جي دفاع جي حوالي سان حڪمت عملي بابت حارث رئوف جو چوڻ هو ته رانديگرن جو خيال هو ته هو پنهنجو سو سيڪڙو ڏيندا، جنهن جا به نتيجا سندن حق ۾ اچن ته سندن طرف کان ڪو به حرج نه هجڻ گهرجي. ڪوششن جي کوٽ، هر رانديگر پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ ٽيم ڪامياب ٿي.هڪ سوال جي جواب ۾ نوجوان فاسٽ بالر چيو ته بالنگ ڪوچ شان ٽيٽ پنهنجا تجربا شيئر ڪندو آهي جنهن مان هن کي گهڻو ڪجهه سکڻو آهي، خاص ڪري پيس کي ڪيئن استعمال ڪجي، يارڪر کي بالنگ ڪيئن ڪجي.
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، پرڏيهي آفيس
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب ميچ ڪينسل