ڊفينس جو علائقو رهائش لاءِ خوفناڪ خواب ٿي ويو آهي:عدالت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊفينس ڪلفٽن ۾ برساتي پاڻي جمع ٿيڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته ڊفينس جو علائقو رهڻ لاءِ خواب بڻجي ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس حسن اظهر رضوي ڊفينس ڪلفٽن ۾ برساتي پاڻي جمع ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته درخواست ڊفينس ڪلفٽن جي رهواسين طرفان داخل ڪئي وئي هئي. ٻڌڻي دوران جسٽس حسن اظهر رضوي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڊفينس جو علائقو رهڻ لاءِ خواب بڻجي ويو آهي، برسات کانپوءِ هر طرف ڪچري جا ڍير لڳل آهن، ڪچرو کڻڻ وارو ڪو به ناهي، هي علائقو ڪيترو روينيو ڏئي ٿو؟ ۽ توهان ڇا ڪيو؟ شرط ٿي ويو آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته پاڻي جمع ٿيڻ سبب ماڻهن کي ڪيترو نقصان ٿيو آهي، ڇا ڊيٽا گڏ ڪئي وئي آهي؟ جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته اڳ هڪ خانگي ڪمپني روزانو علائقي مان ڪچرو کڻندي هئي، جڏهن کان توهان ماڻهن ڪچرو کڻڻ شروع ڪيو آهي، توهان هفتي ۾ هڪ ڏينهن ڪچرو کڻي رهيا آهيو، پراپرٽي جا اگهه به گهٽجي رهيا آهن. ٻڌڻي دوران وڪيل ڊي ايڇ اي چيو ته ڪچرو کڻايو پيو وڃي، جنهن تي عدالت چيو ته هاڻي ناظر موڪلي رهيا آهيون ته چيڪ ڪري رپورٽ ڏيو ته ڪچرو ڪيترو آهي. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته ڊينگي اڃا ناهي آئي، جيڪڏهن ڊينگي آئي ته اڌ کان وڌيڪ وڪيل موڪلن تي هوندا. ڊي ايڇ اي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڊفينس فيز 4.6 ۾ ڊرين جي اڏاوت جو ٺيڪو اين ايل سي کي ڏنو آهي، اين ايل سي ڪورنگي ڊرين جي صفائي به ڪري رهي آهي. ٻڌڻي دوران درخواستگذار چيو ته اين اي ڊي جي ماهرن سروي لاءِ 20 ملين رپيا فيس طلب ڪئي آهي. عدالت اين اي ڊي يونيورسٽي جي ماهرن کان ستن ڏينهن ۾ سروي رپورٽ طلب ڪندي حڪم ڏنو ته درخواستگذار، ڊي ايڇ اي ۽ ٻيا گڏيل طور تي ماهرن جي فيس ادا ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو