اسان کي جناح ۽ ڀٽو جو پاڪستان ٺاهڻو آهي جنهن ۾ هر شهري برابر آهي: شيري

اسلام آباد (بيورو)موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان جو چوڻ آهي ته شهيد ڀٽو جو آئين اقليتن کي برابر جو شهري سمجهي ٿو، اسان کي جناح ۽ ڀٽو جو پاڪستان ٺاهڻو آهي، جنهن ۾ هر شهري برابر هجي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چيو آهي ته قائداعظم 11 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي پهرين آئين ساز اسيمبلي ۾ تاريخي تقرير ڪئي هئي. شيري رحمان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته جناح هڪ اهڙو پاڪستان قائم ڪيو جتي اڪثريت ۽ اقليت کي برابري جا حق ملن. شيري رحمان چيو ته 2009 ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري 11 آگسٽ تي اقليتن جو قومي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو. شيري رحمان چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1973ع ۾ اقليتن جي حقن ۽ آزادين کي آئين جو حصو بڻايو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو 1988ع ۾ اقليتن جي حقن تي خاص ڌيان ڏنو. هن وڌيڪ لکيو ته قائداعظم برابري، هم آهنگي ۽ ترقي پسند سوچ تي زور ڏنو، اقليتن جو تحفظ، انهن جي حقن ۽ آزادين کي يقيني بڻائڻ رياست ۽ هر شهري جو آئيني ۽ قومي فرض آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو