يوم آزادي کي بربادي جو ڏينهن نه بڻايو وڃي: شيخ رشيد

راولپنڊي)ويب ڊيسڪ) اڳوڻو گهرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت کان ناراض ٿي ويو.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد واضح ڪيو ته عوام کي ڪمزور ڪرڻ وارا پاڻ کي ڪمزور ڪرڻ وارا آهن، يوم آزادي کي تباهي جو ڏينهن نه بڻايو وڃي.شيخ رشيد چيو ته 45 ڏينهن انتهائي اهم آهن، غربت سبب ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن، ڪي پي ڪي کانپوءِ اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ به ڀتا خورن جا فون اچي ويا آهن. شهباز حڪومت ۾ وزيرن جو انگ وڌڻ تي تنقيد ڪندي اڳوڻي وزير چيو ته وزير وڌيڪ ۽ وزارتون گهٽ آهن، 5 درجن کان وڌيڪ وزير رڳو پريس ڪانفرنسون ڪري رهيا آهن. شيخ رشيد چيو ته عوام جي عدالت هر صبح سوشل ميڊيا تي لڳندي آهي، 140 لک ذهين نوجوانن جي کيسي ۾ فون آهن، حڪمران اقتدار جو ڪفن ڇڏي رهيا آهن، هاڻي اهو ڪمبل نه پيو ڇڏي ۽ حڪمران زميني حقيقتون سمجهڻ کان قاصر آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو