سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ٻار کي اصل ماءُ بدران گود وٺندڙ ماءُ حوالي ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ننڍي ٻارڙي جي حوالي ڪرڻ واري ڪيس ۾ ٻار کي اصل ماءُ بدران گود وٺندڙ ماءُ کي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻارڙي حوالي ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران خاتون عظميٰ چيو ته اسان ڇوڪري کي 3 سال اڳ گود ورتو هو.عدالت عورت جو موقف ٻڌڻ بعد ٻار کي جنم ڏيندڙ عورت اقرا جي درخواست رد ڪندي ٻار کي گود وٺندڙ عورت حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت جي احاطي ۾ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ٿي وئي ۽ عورت رڙيون ڪرڻ لڳيون، جنهن تي سڪيورٽي اهلڪارن مداخلت ڪري ڌرين کي آزاد ڪرايو.

پهنجو تبصرو موڪليو