پاڪستان ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 353 ڪيس ظاهر، 1 مريض فوت

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. ملڪ ڪورونا جي مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 52 هين نمبر تي آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح 3.10 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 353 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.ڪورونا وائرس جي علاج هيٺ مريضن مان 229 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس سبب 30 هزار 509 مريض فوت ٿي چڪا آهن.ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي انگ 15 لک 60 هزار 955 ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 11 هزار 388 وڌيڪ ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 2 ڪروڙ 97 لک 76 هزار 4 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو