قائد آباد ۾ چورن جي ڦر،قيمتي سامان کڻي ويا،ڪيس داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي قائد آباد توحيد محلا ۾ 7 هٿياربندن گهر مان 5 ڪروڙ 60 لک رپيا نقدي ۽ 28 تولا سون ڦر ڪري فرار ٿي ويا.قائد آباد پوليس ٿاڻي تي گهر مان ڦر جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.ٿاڻي تي داخل ڪيس جي رپورٽ موجب عورت صبح جو سوير گهر جو دروازو کڙڪايو، 6 هٿياربند جوابدار گهر ۾ داخل ٿي ويا، ڌاڙيلن ماءُ جي پرس مان 33 لک رپيا نقدي ۽ 3 لک رپيا رشوت وٺي ڦر ڪري ويا.ڪيس جي متن موجب جوابدارن ماءُ وٽان ساڍا 5 تولا سون ۽ هڪ لائسنسي پستول پڻ هٿ ڪيو. جوابدار ٻئي منزل تي ويٺل ڀاءُ کان ساڍا 4 تولو سون ۽ هڪ لائسنسي پستول به ڦر ڪري ويا، جڏهن ته جوابدار مٿين منزل تي ويٺل مدعي جي الماري مان 23 لک رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا.جوابدار گهر مان شهري جي گهر مان 7 تولا، ڀاڻيجي جا 6 تولا، ڀيڻ جا 5 تولا سون جا زيور ۽ 3 قيمتي موبائيل فون پڻ ڦر ڪري ويا.ڪيس ۾ داخل تفصيل موجب عورت سميت 7 جوابدار سفيد ڪار ۾ سوار ٿي فرار ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو