عورت سان ساھريجن جا ظلم، سندس مڙس مبينا اغوا بعد قيد، ڪاروائي جو مطالبو

ميرپورماٿيلو (ن سنڌيار) ميرپورماٿيلو ۾ عورت سان ساھريجن جا ظلم، سندس مڙس مبينا اغوا بعد قيد، اڳوڻي مڙس مان ٿيل معصوم ٻارڙن مٿان وحشياڻو تشدد ڪري ٽن ٻارڙن کي زخمي ڪرڻ جو ڦرٽ جو الزام، عورت جو ٻارڙن سميت ميرپورماٿيلي پريس ڪلب آڏو احتجاج ، مڙس بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف ڪاروائي جو مطالبو.تفصيل موجب: ميرپورماٿيلي جي کوسه محلي جي رھواسڻ نوجوان عورت مائي نادرا معصوم پنج ٻارڙن کي ساڻ ڪري ميرپورماٿيلي پريس ڪلب پھچي ساھريجن جي ظلم خلاف احتجاجي مظاھرو ڪندي دانھيو ته ميرپورمائينر جي رھواسي سھري گل محمد مھر، ڏيرن الھڏوايو مھر، نظام دين مھر ۽ ٻين کين نشو ڏيڻ بعد سندس مڙس سجاد مھر کي اغوا ڪري سامان ۽ روڪ رقم جي ڦر لٽ ڪري نامعلوم ھنڌ تي قيد ڪري ڇڏيو آھي ۽ پنھنجا گھر به خالي ڪري ويا آھن. معلوم ڪرڻ لاءِ وڃڻ تي ڄاڻايل جوابدارن سندس اڳوڻي مڙس جي اولاد معصوم ٻارڙن کي ڌڪ ھڻي انھن کي کڻي ڀتين ۾ ھڻي ڏھ ورھين جي حسنين، اٺ ورھين جي آرم ۽ چار ورھين جي شعبان کي زخمي ڪري وڌو آھي.ھن چيو ته اين سي ڪرائڻ باوجود ٽي ڏينھن گذرڻ بعد ميرپورماٿيلو پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگھي آھي.سندن جي جان کي خطرو آھي.ھنن وسوارن کان قيد ڪيل مڙس سجاد مھر کي بازياب ڪرائي ٻارڙن کي زخمي ڪندڙ ۽ ڦر لٽ ڪندڙ ڄاڻايل جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو