آبپاشي کاتي جي نااهلي رائيس ڪينال جا ڪپر سبب ڪمزور ٿيڻ لڳا

باڊھ(ن سنڌيار)باڊھ شھر جي وچ مان وهندڙ رائيس ڪينال جا ڪپر آبپاشي کاتي جي عملدارن جي ڪرپش ۽ غيرذميواري سبب ڪمزور ٿيڻ لڳا .پاڻي جي تيز وهڪري سبب ڪپر کاڌ ڪري ڀڪون ڏئي رهيا آھن آبپاشي کاتي وارن جي لاپرواهي برقرار رهي ته رائيس ڪينال کي گهاري پوڻ سبب باڊھ شھر سميت علائقي جي وڏي آبادي متاثر ٿيڻ جو خدشو آھي.رائيس ڪينال شھر جي وچ مان گذرڻ سبب ڪروڙين روپين جي لاڳت سان شھر جي حفاظت لاءِ رائيس ڪينال کي ٻنهي پاسن کان حفاظتي ديوارون ته تعمير ڪرايون ويون آھن پر ان ۾ به غير معياري مٽيريل استعمال ٿيڻ سبب حفاظتي ديوارون هنڌان هنڌان ٽٽي پيون آھن جن جي به وقت سر مرمت نه ڪرائي وئي آھي.سنڌ سرڪار پاران آبپاشي سب ڊويزن باڊهه کي هر سال رائيس ڪئنال جي ڪپرن جي سارسنڀال لاءِ ڪروڙين روپيا ملن ٿا پر حالت اها آهن ته هر طرف رائيس ڪئنال جا ڪپر سارسنڀال نه ٿيڻ ڪري ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندا پيا وڃن مٿان وري بااثر ماڻهن جي قبضن سبب ڪئنال جا ڪپر سوڙها ٿيندا پيا وڃن. آبپاشي کاتي جي اعلى عملدارن کي گھرجي ته شهر جي وچ مان وهندڙ رائيس ڪئنال جي ٻنهي ڪپرن تي مٽي وجھرائي ڪپرن کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ ناجائز ٿيل قبضا پڻ ختم ڪري باڊهه واسين جي پريشاني ختم ڪئي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو