شرجيل ميمڻ جو مينھن کانپوءِ شهر جي مختلف علائقن جو دورو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ مينھن کانپوءِ شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري برسات جي پاڻي جي نيڪال جو جائزو ورتو. ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن وارو وزير مڪيش ڪمار چاولا ۽ خاص مددگار قاسم نويد پڻ ساڻس گڏ هئا.ڪمشنر ڏکڻ تبريز مري، واٽر بورڊ ۽ مڪاني ادارن جي عملدارن صوبائي وزيرن کي پاڻي جي نيڪالي بابت بريفنگ ڏني. صوبائي وزيرن ڪي پي ٽي انڊر پاس، سب ميرين چورنگي، ٽاور، آءِ آءِ چندريگر روڊ، سنڌ اسيمبلي، سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ شاهراهه فيصل تي برساتي پاڻي جي نيڪال جو جائزو ورتو. شرجيل انعام ميمڻ عملدارن کي هدايت ڪئي ته روڊن ۽ ھيٺانھين وارن علائقن مان پاڻي جي فوري نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته برسات مختصر وقت لاءِ پئي ، پر تمام گهڻي تيز برسات ٿي آهي. ھن چيو تہ شهر جا انڊر پاس ڪليئر آهن. ضلعي انتظاميا، مڪاني ادارن ۽ واٽر بورڊ جا عملدار روڊن تي موجود آهن. هن چيو ته وزير اعلیٰ سنڌ پاڻ پاڻي جي نيڪال جي ڪم جي نگراني ڪري رهيو آهي. پوليس ۽ ٽريفڪ اهلڪارن کي شهرين جي مدد لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا آهن. هن چيو ته صوبائي وزير روڊن تي امدادي ڪمن جي نگراني لاءِ موجود آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو