پي ٽي آءِ غيرقانوني فنڊنگ ڪيس، بئنڪن جي ڊيٽا ملي وئي آهي : ايف آءِ اي

اسلام آباد ( بيورو) ايف آءِ اي طرفان سڄي ملڪ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي غيرقانوني فنڊنگ ڪيس ۾ جاچ جاري آهي.ايف آءِ اي اختيارين موجب گهڻي قدر بئنڪن جي ڊيٽا ايف آءِ اي کي ملي وئي آهي، ڪجهه زونز ۾ بئنڪن جي ڊيٽا اچڻي آهي، جيڪا به جلد ملي ويندي.اختيارين جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي بئنڪ اڪائونٽ ۾ گهوٻين ۽ بي نامي اڪائونٽس جي جاچ جو اختيار رکي ٿي، ايف آءِ اي ۽ بئنڪنگ ايڪٽ جا ڪيئي قلم موجود آهن جڏهن ته ڪراچي ۾ بئنڪن جا نمائندا ايف آءِ اي آڏو پيش ٿيا آهن.اختيارين ٻڌايو ته سنڌ جو اڳوڻو گورنر عمران خان اسماعيل کي طلبي جو نوٽيس ناهي ملي سگهيو جنهن ايڊريس تي نوٽيس موڪليو ويو اتان ٻڌايو ويو آهي ته هو هاڻ اتي ناهي رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو