جيڪو به فوج خلاف ڳالهائيندو ان جي مذمت ڪنداسين:اسد قيصر

پشاور (م ڊ) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته فوج خلاف جيڪو به ڳالهائي ان جي مذمت ڪريون ٿا جڏهن ته شهباز گل جي گرفتار غيرقانوني آهي.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد قيصر پابندي پيل فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۽ ايف آءِ اي جي نوٽيس تي چيو ته ايف آءِ اي جو اختيار ناهي.هن چيو ته اڪائونٽ اسان رڳو سهولت لاءِ کولرايا هئا ۽ اهو غيرقانوني عمل ناهي، اڪائونٽ ملازمن جي پگھارن ۽ آفيس جي خرچ لاءِ کولرايا هئا، اڪائونٽ مان رقم جمع ۽ ڪڍرائڻ جا سمورا معاملا چيڪ ذريعي ٿيا آهن، اڪائونٽ مان 6 سالن ۾ رڳو 21 لک رپين جي ٽرانزيڪشن ٿي.اسد قيصر جو چوڻ هو ته پارٽي هن وقت هڪ تحريڪ جي عمل مان گذري رهي آهي، اسان ڪنهن جا غلام ناهيون پر آزاد پرڏيهي پاليسي چاهيون ٿا.شهباز گل بابت پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته فوج خلاف ن ليگ، مولانا فضل الرحمان جيڪو لهجو استعمال ڪيو انهن خلاف به پرچا ٿيڻ گھرجن، قانون کان ڪو مٿانهون ناهي، فوج خلاف جيڪو به ڳالهائي ان جي مذمت ڪريون ٿا.هن چيو ته شهباز گل جي گرفتار غيرقانوني آهي ان خلاف ثبوت آهن ته عدالت ۾ پيش ڪيا وڃن، عدالت ۾ ان جو فيصلو ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو