پي ٽي آءِ منع ٿيل فنڊنگ ڪيس جي فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) تحريڪ انصاف پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ جي ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل عمر ايوب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پابندي مڙهيل فنڊنگ بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف درخواست داخل ڪئي. پي ٽي آءِ طرفان داخل درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو آهي. تحريڪ انصاف پنهنجي درخواست ۾ استدعا ڪئي آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي ۽ منع ٿيل فنڊنگ ڪيس ۾ شوڪاز نوٽيس به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. ان کان علاوه پي ٽي آءِ پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جو 2 آگسٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي به درخواست ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو