شهباز گل جو بيان طئي ٿيل هو، ثبوت مليا ته عمران خان کي به گرفتار ڪنداسين: گهرو وزير

اسلام آباد(بيورو)گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته شهباز گل جو بيان طئي ٿيل پروگرام هو ۽ اهي سڀ ماڻهو ان ۾ ملوث آهن جڏهن ته اجلاس عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيو، جيڪڏهن ثبوت مليا ته انهن کي به گرفتار ڪيو ويندو. ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اڄ عمران خان چئي رهيو آهي ته گرفتاري کان اڳ صفائي جو موقعو ڏيو. هن چيو ته شهباز گل جو بيان سمورو طئي ٿيل پروگرام هو، هي سڀ ماڻهو ان ۾ ملوث آهن، عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جيڪڏهن ثبوت مليا ته کيس به گرفتار ڪيو ويندو. راڻا ثناءُ الله چيو ته ادارن جي ماڻهن کي حڪم تي عمل نه ڪرڻ جو چيو ويو، شهباز گل کي نه روڪيو ويو ۽ نه ئي سندس بيان ۾ مداخلت ڪئي وئي. گهرو وزير چيو ته شهباز گل کي ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪري 24 ڪلاڪن اندر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، ان معاملي تي مڪمل قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي جڏهن ته شهباز گل يا ڊرائيور تي تشدد جي ڳالهه غلط آهي. هن وڌيڪ چيو ته مونس الاهي جي بيان کانپوءِ هن ٻڌايو ته بني گالا مان ڪجهه به نه مليو ته پنجاب پوليس کي مقرر ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو