شهباز گل ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو.ڊاڪٽر شهباز گل کي اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ ڊيوٽي مئجسٽريٽ عمر شبير جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.اسلام آباد پوليس طرفان شهباز گل جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي وئي، جڏهن ته شهباز گل جي وڪيل فيصل چوڌري جسماني رمانڊ جي درخواست جي مخالفت ڪئي.عدالت ٻاهران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن ۽ اسلام آباد پوليس جي اضافي نفري کي مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس صحافين کي ڪوريج ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.بعد ۾ پوليس ۽ شهباز گل جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت شهباز گل جي جسماني رمانڊ جي درخواست منظور ڪندي کيس ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو