آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي سان ملڪي معاشي استحڪام ايندو: مفتاح

اسلام آباد(بيورو)ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته آگسٽ جي آخر ۾ آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي سان ملڪي معيشت ۾ استحڪام ايندو.مفتاح اسماعيل پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي چيئرپرسن، ڪيپيٽل مارڪيٽ ۽ ٻين ڀائيوارن سان ملاقات ڪئي.ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ۾ ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف پاران ميڪرو اڪنامڪ استحڪام لاءِ لاڳو ڪيل شرطن تي مڪمل عمل ڪيو ويو آهي، آگسٽ جي آخر ۾ آءِ ايم ايف جو پروگرام ميڪرو اڪنامڪ استحڪام آڻيندو.مفتاح اسماعيل چيو ته 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس رڳو هڪ سال لاءِ لڳايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو