آمريڪا ۾ 4 مسلمان قتل، جوابدار گرفتار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي رياست نيو ميڪسيڪو ۾ 4 مسلمانن جي قتل ۾ ملوث مرڪزي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب وارثن مطالبو ڪيو آهي ته قاتل جي سڃاڻپ ۽ حملي جا سبب ظاهر ڪيا وڃن.نيو ميڪسيڪو ۾ واقعن ۾ ٻن پاڪستانين سميت چار ڏکڻ ايشيائي مسلمان مارجي ويا. واقعو البقري جي علائقي ۾ پيش آيو.رپورٽن مطابق 5 آگسٽ تي نعيم حسين، پهرين آگسٽ تي افضل حسين، 26 جولاءِ تي آفتاب حسين ۽ محمد نالي هڪ شخص کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، نعيم ۽ افضل حسين جو تعلق پاڪستان جڏهن ته آفتاب حسين ۽ محمد احمدي جو تعلق افغانستان سان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو