ڪامن ويلٿ گيمز ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ هيروز جي ڏيهه واپسي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ جاري ڪمن ويلٿ گيمز ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ قومي هيروز جي واپسي شروع ٿي وئي آهي.سلور ميڊلسٽ زمان انور، محمد شريف طاهر ۽ برونز ميڊلسٽ اسد علي پاڪستان پهتا، اسلام آباد ايئرپورٽ تي ڊي جي پاڪستان اسپورٽس بورڊ ڪرنل رٽائرڊ محمد آصف زمان رانديگرن جو استقبال ڪيو ۽ ڪمن ويلٿ ميڊل کٽندڙ رانديگرن کي گلدستا پيش ڪيا.ڊي جي پاڪستان اسپورٽس بورڊ چيو ته هو اسان جي قومي هيروز کي ڀليڪار ڪن ٿا، ارشد نديم، نوح دستگير بٽ ۽ ٻيا ميڊل کٽيندڙ به سندن وطن واپسي تي ڀليڪار ڪندا.محمد آصف زمان وڌيڪ چيو ته رانديگرن جي اعزاز ۾ تقريب منعقد ڪئي ويندي ۽ کين انعام ڏنا ويندا.هن چيو ته ڪامن ويلٿ گيمز ۾ گولڊ ميڊل کٽيندڙن کي 50 لک، سلور ميڊل کٽيندڙن کي 20 لک ۽ برونز ميڊل کٽيندڙن کي 10 لک رپيا ڏنا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو