فڪسڊ ٽيڪس کي گذريل حڪومت جي ترتيب ۾ واپس آندو: عائشه غوث

اسلام آباد(بيورو)وفاقي وزير ۽ اقتصاديات جي ماهر عائشه غوث پاشا جو چوڻ آهي ته ڪجهه واپارين کي دڪانن تي ٽيڪس بابت خدشا هئا، ان ڪري هنن گذريل حڪومت جي ڀيٽ ۾ عارضي طور تي مقرر ٽيڪس ۾ ترميم ڪئي.جاري ڪيل بيان ۾ عائشه غوث پاشا چيو آهي ته ائين ناهي ته ڪنهن طبقي کي ٽيڪس ڇوٽ ملي رهي آهي.هن جو چوڻ آهي ته ننڍن دڪانن تي بار وڌو پيو وڃي ان ڪري ٽيڪس تي ٻيهر غور ڪري رهيا آهيون، سيپٽمبر تائين معاملو بهتر ٿي ويندو.عائشه غوث چيو آهي ته ملڪ کي آزاد بڻائڻو آهي ته سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جو ڪردار آهي، جنهن وٽ وڌيڪ وسيلا آهن ان کي وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪرڻ گهرجي.وفاقي وزير ۽ اقتصاديات جي ماهر عائشه غوث پاشا جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف به ٽيڪس نيٽ وڌائڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو