بلوچستان، 2 ڇوڪريون درياهه ۾ ٻڏي فوت

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي علائقي موسا خيل جي علائقي محسن آباد ۾ 2 ڇوڪريون درياهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون.ليويز ذريعن موجب ڇوڪرين جا لاش درياهه مان ڪڍي وارثن حوالي ڪيا ويا.ٻئي طرف پي ڊي ايم اي بلوچستان ۾ 10 آگسٽ کان 13 آگسٽ تائين مون سون جي نئين اسپيل بابت سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.جاري ڪيل الرٽ موجب 10 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ برساتن جي نئين اسپيل دوران ٻيهر ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي.بلوچستان ۾ تازين برساتن سبب جاني ۽ مالي نقصان جو سلسلو جاري آهي، صوبي ۾ وڌيڪ 6 ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق کانپوءِ فوتين جو انگ 176 ٿي ويو آهي جڏهن ته 18 هزار کان وڌيڪ گهرن کي نقصان پهتو آهي.پي ڊي ايم اي بلوچستان طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب فوتين ۾ 77 مرد، 44 عورتون ۽ 55 ٻار شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو