سخت حفاطتي انتظام، ماتمي جلوس جاري، موبائيل سروس معطل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)رسول پاڪ جي ڏوهٽي حضرت امام حسين عليه السلام جي لازوال قرباني جي ياد ۾ اڄ سڄي ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ عاشوره محرم جا ماتمي جلوس ڪڍيا پيا وڃن. ڪراچي ۾ 10 محرم الحرام جو مرڪزي جلوس نشتر پارڪ کان صبح 9 وڳي شروع ٿيو، جيڪو ايم اي جناح روڊ، تبت سينٽر، بولٽن مارڪيٽ کان ٿيندو حسينيه ايراني کارادر تي پهچندو. گذريل رات يوم عاشور جي مرڪزي مجلس نشتر پارڪ ۾ ٿي، جنهن کي علامه پناهه حسين نقوي خطاب ڪيو. لاهور ۾ يوم عاشور جو مرڪزي جلوس نثار حويلي موچي گيٽ کان برآمد ٿيو، جيڪو اڄ شام امام بارگاهه ڪربلا گامي شاهه پهچي ختم ٿيندو. پشاور جي مختلف امام بارگاهن کان يوم عاشور جا 12 ماتمي جلوس برآمد ٿيندا. پهريون ماتمي جلوس صبح 11 وڳي شروع ٿيو. راولپنڊي ۾ مرڪزي جلوس ڪرنل مقبول امام بارگاهه ڪاليج روڊ کان صبح 11.30 وڳي روانو ٿيو. ڪوئيٽا ۾ يوم عاشور جو جلوس امام بارگاهه سيد آباد علمدار روڊ کان صبح 9 وڳي نڪتو، گلگت ۾ مرڪزي جلوس اماميه جامع مسجد کان صبح 7 وڳي روانو ٿيو. ان موقعي تي سيڪورٽي جا سخت انٽظام ڪيا ويا آهن. پوليس ۽ رينجرز جا دستا به تعينات آهن. فوج کي اسٽيند باءِ ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. جلوس جي رستن تي سبيلون قائم ڪري کاڌي جو به انتظام ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو