فوج ۾ اهم عهدن تي مقرريون ۽ بدليون، نوٽيفڪيشن جاري

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطحي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن. آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي ڪور ڪمانڊر بهاولپور مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان کان اڳ هو اڪور ڪمانڊر پشاور مقرر هو. پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته ليفٽيننٽ جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ڪور ڪمانڊر پشاور مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل خالد ضيا کي پاڪ فوج جو ملٽري سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو