شهادت امام حسين رضه ۽ ڪربلا جو ميدان ….!!!

غلام مصطفيٰ جمالي
الله پاڪ جڏهن زمين تي حضرت آدم عليه اسلام کي لاٿو ته انهي ڏينهن الله شيطان کي زمين تي لاٿو.ان ڏينهن الله پاڪ حق کي زمين تي موڪليو ان ڏينهن الله پاڪ باطل کي به زمين تي لاٿو.جنهن ڏينهن حق کڻي ڪري حضرت آدم زمين تي آيو انهي ڏينهن باطل شيطان کڻي آيو.ان ڏينهن کان شيطاني طاقتون پنهنجي طرف مائل ڪرڻ ۾ پوريون آهن.۽ رحمان جا نمائيندا الله پاڪ ڏانهن سڏڻ ۾ مصروف آهن ۽ هي قصو ان ڏينهن تائين هلندو.جنهن ڏينهن سج اولهه کان اڀرندو ۽ قيامت جو ڏس ٿيندو.پوءِ هي اها آخري گهڙي هوندي جڏهن الله پاڪ توبه جا درواز بند ڪري ڇڏيندو.ان ڏنهن ڪنهن جي توبه قبول نه هوندي ۽ ڪافر جو ايمان قبول نه هوندو.۽ جيڪو جهڙي حال ۾ هوندو انهي کي اهڙي حال ۾ مرڻو پوندو.هي جهان آزمائش جو جهان آهي ۽ هن دنيا ۾ حق ۽ باطل جو جهيڙو آهي جيڪو زمين قائم ٿيڻ کان شروع ٿيو آهي ۽ قيامت تائين جاري رهندوالله حق کي ڪاميابي جو تعفو جنت ڏنو آهي ۽ باطل جي سندس ظلم جو بدلو جهنم جي باهه ڏنو آهي.جنهن ۾ هو هميشه سڙندا.۽ اهڙي ئي حق طابل جي جنگ اڄ کان چوڏهن سئو پنجويهه سال پهرين ڪربلا جي ميدان تي ٿي.جنهن ۾ يزيدي ڪافلي ۽ حضرت محمد صله الله عليه واله وسلم جي خاندان جي لالڏلي ڏهوٽي امام حسين رضه جي وچ ۾ ٿي.هي اهو حسين رضه آهي جنهن کي پاڻ ڪريم صه جن ڪلهي تي کڻي گهمايو.سيني تي سمهاريو چپن تي چپ رکي ڪري سندس بک کي مٽايو.61هجري جمع جي ڏينهن انهي امام حسين رضه کي عزت جو سهرو پارايو ويو.امام حسين رضه جي شهادت ۽ ڪربلا جو قصو اکين ۾ اهڙا ڳورها آڻي ڇڏيندوآهي جيڪا ڳوڙها بيهڻ جو نالو ناهي وٺندا. امام حسين رضه الله پاڪ جو ڏنل طعفو آهي.جنهن جو نالو الله دنيا ۾ ڪنهن تي به نه رکيو جنهن جو نالو الله جي رسول پاڪ صه رکيو ويو ۽ الله پاڪ کيس جنت جو سردار بڻائي ڇڏيو.هي اهي شهزاده آهن.جن لاءَ الله جي رسول جمع مبارڪ جو واجب خطبو ڇڏي ڪري کين ڇاتي سان لڳايو.جن جي باري الله جي رسول چيو هي علي رضه جا پٽ آهن ۽ هي مهنجا به پٽ آهن.هڪ ڏينهن حضور پاڪ نماز پڙهي رهيا ته امام حسين رضه ۽ امام حسن رضه سندن مٿان چڙهي ويٺا ته هڪ صحابي انهن کي مٿان لاهڻ لاءِ اڳيان وڌيو ته پاڻ کين اشارو ڏئي روڪيو ۽ پاڻ ڪريم انهي وقت تائين سجدي ۾ رهيا.جنهن وقت تائين پاڻ ٻئي شهزاده راند ڪندي ڪندي پنهنجي مرضي سان لٿا.هي اهي شهزاده آهن.جن جي پوري خاندان نانا جو دين بچائڻ خاطر پنهنجي سرن جي قرباني ڏني.ڪربلا اندر جمع جي رات يزيدي ٽولي شمعر لانتي جي اڳواڻي ۾ امام حيسن رضه جي لشڪر تي حملو ڪري ڏنو.پاڻ سندس ڀاءُ عباس رضه کي موڪليو ته کين چوي ته اسانکي هڪ رات جي مهلت ڏيو ته اسان اوهانکي صبح جو سوچي ٻڌائينداسين پر شمعر جمع جي ڏينهن جي رات اسر وقت حملو ڪري ڏنو.ان وقت امام حسين رضه پنهنجي خيمي کي ٽيڪ ڏيو ويٺا هئا ته کين ننڊ اچي وئي ۽ خواب ڏٺو ته حضور پاڪ جن خواب ۾ آيا ۽ چيائون ته حسين رضه اچڻ ته تياري ڪر ته اهي لفظ ٻڌي حضرت زينب رضه روئڻ لڳي.هي اهو واقعو آهي جنهن اندر حضور صه جي خاندان جي قرباني ٿي.حضرت امام حسين پنهنجي خيمي اندر ڪجهه شعر پڙهي رهيا هئا.جنهن جي باري ۾ حضرت امام ذين العابدين کان روايت آهي ته هو بيمار هو ۽ پاسي واري خيمي ۾ ليٽيو پيو هئو ته امام حسين رضه هي شعر پڙهي رهيو هو.جنهن جي معنيٰ آهي ته سڀاڻي تياري آ اي زمانا ٿو ڪيترو ته بي وفا آهين.جنهن ڪڏهن ڪنهن سان وفا نه ڪئي.اي زمانا تو دنيا ۾ چونڊي چونڊي ماڻهن کي پنهنجي انتقام جو نشانو بڻايو.ها ڪير نه رهندو هر ڪنهن کي هڪ ڏينهن هي جهان ڇڏڻو آهي.ڪير همِيشه باقي نه رهندو ۽ جڏهن اهي شعر وري به حضرت زينب رضه ٻڌا ته پاڻ وري به زور زور سان روئڻ لڳيون.ته حضرت امام حسين رضه کيس روئيندو ڏسي چيو اي پنهنجي پياري ڀيڻ پنهنجي صبر جي دامن کي هٿ مان نه ڪڍجان.شيطان ڪٿي ڪو وار نه ڪري وڃي.پنهنجو نانو مون کان افضل هو ۽ پنهنجو پي مونکان افضل هو ۽ پنهنجو ڀاءُ به شهادت جو پيالو پئي ويو ۽ مونکي به انهن ڏانهن وڃڻو آهي.اي مهنجي ڀيڻ بي صبر نه ٿجان،.۽ هي نبي جو خاندان هو جنهن تي امت تلوارن جو وسڪارو لاهي ڏنو هو.ڪوفي مان آيل ڪافلو جنهن حسين رضه کي شهيد ڪيو.جڏهن ڪربلا ۾ جنگ ٿي ته زيد جي ٽولي مان هڪ هڪ ايندو ويو ۽ جهنم جي باهه ۾ پوندو ويو.۽ اها حالت ڏسي شمعر لانتي چيو ته اگر هڪ هڪ ٿي وڙهنداسين ته هي هڪ کي زندهه نه ڇڏيندا.انهي ڪري 30هزارن هڪ ئي وقت حملو ڪري ڏنو جنهن حملي ۾ سڀ کان پهرين حضرت مسلم بن اوصعچ رضه شهيد ٿيو ته اڳتي وڌي ڪري حبيب بن مطارح ضه وڃي ڪري کيس جنت جي خوشخبري ڏني ته حضرت مسلم رضه مسڪرائيندي ڪنڌ هلائيندي جواب ڏنو ۽ چيو ته توکي به بشارت هجي ۽ حضرت امام حسين ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته هن کي بچايو ۽ هن کان پهرين شهيد ٿيو.اهين وڙهندي وڙهندي سڀ شهيد ٿي ويا سڀ کان پهرين اهي شهيد ٿيا جيڪي ٻين قبيلن مان هئا.بس هاڻي ڪربلا ۾ صرف آل رسول صه وڃي بچيا ته امام حسين رضه ظهر جي وقت چيو ته اسانکي نماز پڙهڻ ڏيو.پر شمعر لانتي انڪار ڪيو ته امام حيسن رضه اشارن سان نماز پڙهي. ۽ سلام جي اها قرباني ڏني ۽ هڪ پيغام ڏنو ته انسان مٿان اهڙو ڏينهن اچي پر اهو نماز نه ڇڏي.اهين ڪربلا اندر آل رسول شهيد ٿيڻ لڳا سڀ کان پهرين حضرت علي اڪبر رضه جيڪو حملي دوران پنهنجي والد جي اڳيان اچي ويو ته سندس هٿ ڪٽجي ويو.۽ زخمن جي ڪري زمين تي ڪري پيو ته امام حسين رضه چيو ته وڏي ظالم آهي اها قوم پٽ جنهن تنهنجو ٻرندڙ چراخ وسائي ڇڏيو.انکان پوءِ حضرت حسن رضه جو پٽ قاسم رضه شهيد ٿيو.جنهن جي باري ۾ خد ڪوفي واري چون ٿا ته تي اهڙو حسين نوجوان هو جهڙو چنڊ،۽ سندس مٿان بيهه ڪري امام حيسن رضه فرمائي رهيو هو ته واهه پنهنجا ڀائٽيا اڄ پنهنجو چاچو ڪيڏو بي بس آهي جو تنهنجي پڪار تي لبيڪ چئي نه سگهيو ۽ کيس پنهنجي ڇاتي سان لڳائي ڪري ڀاڪرين ۾ ڀريو هي اهو منظر جنهن منظر کي ڏسي ڪري ظالمن جون تلوارون به ڪجهه دير لاءِ رڪجي ويون ان کانپوءِ حضرت امام حسين رضه جي ڀائرڻ جو وارو آيو جن ۾ حضرت عباس رضه شهيد ٿيو.حضرت بوبڪر رضه شهيد ٿيو،حضرت عثان رضه حضرت عبدالله رضه.حضرت جعفر رضه شهيد ٿيان جن کان پوءِ حضرت جعفر جي پٽن جو وارو آيو جن ۾ حضرت اون رضه حضرت محمد رضه ان کان پوءِ سمورو خاندان شهيد ٿي ويو.۽ باقي حضرت حسين رضه بچيو جنهن تي پهريون وار مالڪ ابن بشير ڪيو جيڪو سندس مٿي مبارڪ تي ٿيو ته پاڻ کي جيڪا ويڙهه واري ٽوپي پاتل هئي سان سڄي خون سان ڀرجي وئي ۽ پاڻ انهي ٽوپي کي لاهي مٿي تي پٽڪو ٻڏي ڇڏيائون ۽ پاڻ تمام گهڻو ٿڪي پيا ته ڪجهه دير لاءِ پنهنجي خيمي اڳيان وڃي ويهي رهيا ۽ سندس سڀ کان ننڍڙي ۽ معصوم پٽ عبدالله رضه کي پنهنجي هنج ۾ ويهاري کيس پيار ڪري رهيا هئا ته اوچتي هڪ تير آيو جيڪو سندس گلي جي پار ٿي ويو.ته امام حسين سندس رت مبارڪ کي ٻُڪن ۾ ڀري ڪري آسمان تي صرف نهاريو ۽ چيائون ته اي الله مان تونسان هن حال ۾ به راضي آهيان رڳو تون راضَي رهجان ۽ هنن ظالمن کان تون پاڻ حساب وٺجان ۽ اهين ننڍڙي عبدالله رضه جي لاش کي به ٻين لاشن سان گڏ ليٽائي ڇڏيو هي اهو منظر هو جو دنيا جزا قضا جو ڏينهن هجي هان ته هن ڌرتي تي ڪو به ظالم زندهه نه بچي هان.پر هي دنيا جزا قضا جو ڏينهن ناهي اهو ڏينهن الله مخصوص رکيو آهي جنهن ڏينهن ڪنهن سان به زيادتي نه ٿيندي کيس نيڪي جي بدلي نيڪي ملندي ۽ جرم جي بدلي سزا.امام حسين رضه شمعر لنعتي کي چيو تون مونکي موت کان ٿو ڊڄاري تون ڪنهن سان مخاطب آهين ۽ امام حسين بلند آوازسان چيو ته اي انسانون اوهان ان شخص تي قتل ڪري رهيا آهيو جنهن کي دنيا ۾ الله سڀ کان وڌيڪ محبت ڪندو آهي.۽ هن تي تلوار هلائڻ وارو بدنصيب هن ڌرتي تي ناهي.سڄو خاندان ڪهائي پوءِ به چهري ته مايوسي نه هئي هڪ ڪوفي پاڻ چوي ٿو ته مون حسين رضه جهڙو دلير هن ڌرتي تي نه ڏٺو جيڪو پنهنجو سمورو خاندان شهيد ڪرائي پوءِ به مايوس نه هجي،ٽن ڏينهن کان پاڻي بند هو ته امام حسين جي اڃ تڪليف ڏني ته پاڻ پاڻي پيئڻ لاءِ دريا ته پهتا ته پاڻي پيئڻ لاءِ ٻڪ ڀريائون ته حصين بن يزيد جو تير آيو جيڪو سندس ٽوڙهي ۾ لڳو ۽ سندس سموري ڏاڙهي مبارڪ رت سان ڀرجي وئي ۽ ٻڪ رت سان ڀريا ۽ چيو ته اي هن ظالمن کان تون ئي بدلو وٺ ۽ اڃان امام حسين رضه پنهنجا لفظ پورا ئي نه ڪيا هئا ته حصين ابن يزيد تي اُڃ حملو ڪيو ۽ رڙيون ڪري چيائين ته پاڻي کيس پاڻي ڏنو ويو وري رڙيون ڪري چيائين گهوڙا پاڻي کيس کير ڏنو ويو پر سندس اڃ نه اجهامي ۽ رڙيون ڪندي ڪندي سندس پيٽ ڦاٽي ويو ۽ جهنم حوالي ٿيو.حضرت امام حسين جي شهادت کان پهرين الله کيس حصين جو موت اکين سان ڏيکاريو.۽ ان کان پوءِ امام حسين رضه جي شهادت جو وارو آهي. پاڻ اڪيلا رهجي ويا ۽ جيڪڏانهن ويا ٿي ته ڪافر اڳيان ٿي آيا ته شمعر لعنتي چيو ته ڪيستائين انتظار ڪندا نيٺ ڪافرن تيرن ۽ نيزن سان وار ڪري امام حسين رضه جي سر مبارڪ کي ڌڙ کان ڌاڙ ڪري ڇڏيو.۽ خولا بن زيد انهي سر کي کنِيو ۽ نيزي تي لٽڪائي ڇڏيو.جڏهن آل رسول صله کي جڏهن ڪافلي کي ڪوفي لاءِ آندو پئي ويو ته حضرت زينب رضه پويان مڙي ڪري ڏنو ته هر هنڌ لاش ئي لاش هئا سڄو ڪربلا رت سان ڀريل هو سڀني ڌڙن کان سندس سر الڳ هو.اهو منظر ڏسي ڪري حضرت زينت رضه جيڪي پڪارون ڪيون انهي پڪارن جو ترجمو دنيا جو ڪو خطيب ترجمو نٿو ڪري سگهي.سموري لاشن کي اتي اڪيلو ڇڏي ڪري امام حسين رضه جي سر مبارڪ کي کڻي ڪري روانا ٿيا.۽ انکان پوءِ بنو اسد قبيلو آيو جنهن انهن لاشن جي دفن ڪيو ۽ جنازا پڙهيا پر جڏهن اها ڳالهه يزيد تائين پهتي ته ان انهي ميدان تي پاڻي ڇڏرائي ڏنو جيڪو چاليهه ڏينهن بيٺو رهيو.جڏهن ته قبرن جا نشان ختم ٿي ويا.انهي کان پوءِ جڏهن پاڻي سڪو ته وري به بنو.اسد قبيلي جو هڪ بدو آيو جنهن ڪربلا جي مٽي کي سوگهڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن امام حسين رضه جي قبر تي پهتو ته رڙ نڪرِي ويس ۽ چيائين ته هي آهي حسين رضه..ائين اسلام جي فتح ٿي ها يزيد مري ويو تخت وٺِي به ناڪام ٿي ويو،شمعر مري ويو،ابن زياد مري ويو ته انهن کي اڄ به دنيا لائنتون ڏيندي آهي،۽ سلام لاءِ جان ڏيندڙ امام حسين رضه کي اڄ به دنيا ياد ڪري روئيندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو