ملڪ ۾ عزاداري جاري، موبائيل سروس بند، سيڪيورٽي سخت

ڪراچي)ويب ڊيسڪ)سنڌ سوڌو ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ عزاداري جو سلسلو جاري، موبائيل سروس بند، سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آھي سنڌ ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ عزاداري جو سلسلو جاري، اڪثرن شهرن ۾ موبائيل نيٽ ورڪ بند ڪيو ويو آھي شهيدن جي ياد ۾ هر پاسي يا حسين ع جون صدائون بلند،مومنن پاران سينازني ڪئي پئي وڃي، قاضي احمد، ڪنڊيارو،تنگواڻي، ڀٽ شاهه، دريا خان مري سميت ٻين شهرن ۾ عزاداري جاري آھي ڪوٽڏيجي ۾ 200 سالن واري روايت برقرار، پهرين محرم کان نغارا وڄائڻ جو سلسلو جاري آھي، مٽياري ۾ عزاداري جو سلسلو جاري، اڄ نائين محرم الحرام جي سلسلي ۾ باهه تي ماتم ٿيندو اڄ نائين محرم الحرام تي سڄي سنڌ ۾ وڏا ماتمي جلوس برآمد ٿيندا، سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آھن، ڪراچي ۾ بھ جلوس نڪرندا، مختلف علائقن ۾ مجلسون ٿي رھيون آھن ۽ سبيلون قائم ڪيون ويون آھن

پهنجو تبصرو موڪليو