حليم عادل شيخ تڪ مان غائب، علائقي واسين ۾ ڪاوڙ جي لھر

ڪراچي ( ن سنڌيار) پي ايس 99 وزير ڳوٺ ۾ گٽر اٿلي پيا گندي جا ڊير لڳي ويا مختلف بيمارين جنم وٺڻ شروع ڪري ڏنو پي ايس 99 مان چونڊيل پي ٽي آئي جو اڳواڻ حليم عادل شيخ غائب علائقي واسين ۾ ڪاوڙ جي لھر روڊ رستا توڙي گھٽيون ۽ رھائشي علائقا گٽرن جي پاڻي سان ڀريل گندگي جا پڻ ڊير لڳل لاوارث بڻيل پي ايس 99 وزير ڳوٺ ۾ مختلف بيمارين جنم وٺڻ شروع ڪري ڏنو سنڌ حڪومت توڙي چونڊيل نمائندن ڪو ٻوٽو نه ٻاريو گٽرن جو بيٺل پاڻي ۽ گندگي جي ڊيرن مان اٿندڙ بيمارين دست الٽي خارش اکين جي بيمارين سان گڏ بخار جھيڙي خطرناڪ بيمارين ۾ اضافو عوام بي يارو مدد بڻيل چونڊيل نمائندن جي اچڻ جو انتظار پ پ اڳواڻ نورخان ـ لالا رحيم پٽاڻ توڙي حليم عادل شيخ به عوام جي ڀلائي لاء ڪو ٻوٽو نه ٻاريو ڀرپاسي جي رھواسين صحافين سان ڳالھائندي چيو ته ھن وقت ڪراچي شھر جو ھي واحد علائقو پي ايس 99 آهي جيڪو ترقياتي توڙي بنيادي سھولتن کان محروم آهي علائقي ۾ مسلسل پ پ جا چيئرمين ۽ ڪاونسلر چونڊجڻ باوجود به علائقي واسين کي ڪو ريليف نه ملي سگھيو پي ٽي آئي جي حڪومت ۾ حليم عادل شيخ چونڊجڻ باوجود به ڪو عوام کي فائدو ملي نه سگھيو عوام جو وڌيڪ چوڻ ھو ته کليل گٽرن ۽ گندگي جي ڊھير مان اٿندڙ بيمارين لاء موجود لاسي ڳوٺ ۾ بيسڪ ھيلٿ سينٽر مان به عوام کي ڪو فائدو ملي نه سگھيو علائقا واسين ۾ چونڊيل نمائندن جي لاء ڪاوڙ جي لھر عوام ڪنهن کان به ڪو مطالبو نه ڪيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو