عريبن جا اجها لڙهي ويا،مدد جي اپيل

ڊرگھ بالا (ن سنڌيار)ڊرگھ بالا ويجهو ڳوٺ سيوو جمالي ۾ نئين سول غريبن جا اجها لوڙھي وئي متاثر خاندانن جي ڪنهن به واهر نه ڪئي بکون ڪاٽڻ لڳا ڊي سي دادو سميت ٻين عالمي ادارن ۽ اين جي اوز کان مدد جو مطالبو خبر موجب ڪاڇي ۾ ٻوڏ کي ٽي هفتا گذري ويا پر ڳوٺ سيوو جمالي جي غريب متاثر خاندان جي مالڪي نه ٿي سگهي ۽ بي يارو مددگار ويٺل آهن دادو ضلعي انتظاميه توڙي اين جي اوز طرفان ڪابه مدد نه ڪئي وئي غريب بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل گهر لُڙھي وڃڻ سبب کليل آسمان هيٺ ويٺل متاثر ڳوٺاڻن حاجي ملوڪ جويو, چنيسر جويو , درياء خان جويو, ميهر جويو, ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان مسڪينن وٽ ڪُجھ به ناهي بچيو کاڌي پيتي جو سامان ۽ گهر نئين سول جي وهڪرن ۾ لُڙھي ويا آهن معصوم ٻارڙن سميت بک تي ويٺا آهيون سخت گرمي سبب ٻارن ۾ بيماري ڦھلجي وئي آهي پر ڪنهن به هن وقت تائين اسان جي مالڪي ناهي ڪئي اسان جي ڊي سي دادو سميت ٻين عالمي ادارن کي اپيل آهي ته اسان مسڪينن جي فوري طور مدد ڪري کاڌ خوراڪ جون شيون ۽ رهائش لاء ٽينٽ فراهم ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو