برساتي ٻوڏ ۽ عوام کي ڪنهن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي.؟؟

غلام مصطفي جمالي
ملڪ ۾ مون سون جي برساتن جو سلسلوجاري آهي،جڏهن ته صوبي بلوچستقن ۾ انهي چوماسي برسات وڏيون تباهيون آنديون آهن،ٻئي.پاسي صوبو خيبرپختون خواه جيڪو هڪ جابلو صوبو آهي پر انهن جبلن جي اوٽ مان ڪرندڙ برساتي ريلين انهي صوبي اندر به تمام گهڻو نقصان ڪيو آهي . هن وقت تائين هلندڙ برساتن سبب سموري پاڪستان خاص طور تي بلوچستان جا علائقا تمام گهڻا متاثر آهن جنهن ۾ ڪيترائي ،ماڻهو معصوم ٻار عورتون موت جي نظر ٿي چڪا آهن . صوبن ۾ ايتري شديد برساتن جا اثر سنڌ صوبي تي تمام گهڻا پيا آهن،جڏهن ته سنڌ ۾ مختلف شهرن اندرن برساتون ته پيون آهن پر انهن بارساتن جي ڪري سنڌ جي عوام کي فائدو پهتو آهي،ڇو ته سنڌ جنهن جي لاڙ وارو خطو جنهن اندر هميشه پاڻي جي شديد کوٽ رهي آهي،پر برساتن جي ڪري لاڙ جا اڪثر واهه جن جو پاڻي پوڇڙ نه ڪندو هو،هن وقت انهن واهن ۾ ايترو پاڻي اچي چڪو آهي جو پوڇڙ جي آبادگارن تائين پاڻي آرام سان پهچي رهيو آهي،هو انهي ڪري جو پنجاب ۽ خيبرپختون خواه ۾ پوندڙ برساتي وهڪرا سنڌو دريا ۾ پوڻ ڪري،سنڌو ۾ پاڻي جو هڪ وڏو وهڪرو ڇڏيو ويو آهي .جنهن جي ڪري سنڌ جي ڪچي وارو علائقو مڪمل طور ٻڏي ويو آهي ،جنهن جي ڪچي واري آبادي تمام گهڻي متاثر ٿي آهي،.غريب مسڪين ماڻهن جو مال مري ويو آهي.سندن گهر ملڪل طور برساتي ريلي ۾ ٻڏي ويا آهن،۽ برساتن جو سلسلي جو ٻيو مرحلو به اڄ تائين سنڌ جي مختلف شهرن ۾ داخل ٿي ويندو جيڪو سلسلو ڪجهه ڏينهن تائين هلندو،سنڌ جي لاڙ وارو خطو جيڪو پاڻي پهچڻ ڪري خوش هو.پر ان سلسلي جي ڪري هاڻي لاڙ خطي جي عوام به پريشان آهي،ڇو ته لاڙ ۾ برساتن هاڻي تمام نقصان ڪندي ،ٽماٽن،ڪپهه،مرچن جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو،جڏهن ته اهو فصل تمام گهڻو نازڪ هوندو آهي ۽ برسات سبب زميني عوص جي ڪري هن وقت بدين ضلعي جي 70فيصد ٻيٺل فصل سڙي ويو آهي،پر ان سلسلي ۾ حڪومت طرفان ڪا به اهڙي حرڪت ڏسڻ ۾ نه پئي اچي جنهن سان عوام کي ڪو فائدو ٿي،حڪومت جون ڪوڙيون ڳالهيون صرف ۽ صرف غريب عوام کي پريشان ڪرڻ آهي ٻيو ڪجهه به نه جڏهن ته پوري ملڪ ۾ ڪروڙين رپيا ڏنا ويا آهن،جيڪي صرف ۽ صرف برسات متاثرن جي مدد جي لاءِ آهي پر انهي پئسي کي ڪٿي پيو خرچ ڪيو پيو وڃي ڪا خبر ناهي هن وقت ملڪ ۾ مالي صورحال تمام گهڻي بحران جو شڪار آهي ڇو ته هي ديس غريب مسڪين جي رهڻ لاءِ غذاب بڻيل آهي جتي غريب مسڪين جي لولي جي ٽڪر لاءِ رات ڏينهن محنت ڪري پگهر جو پورهيو ڪري اتي کيس سندس پورهئي جو اجر ڇا ٿو ملي.!!! کيس پيٽ گذارن جيترو به پئسو ناهي ملندو جو هو سندس بکئي پيٽ سمهندڙ ٻچڻ لاءِ ڪجهه خريد ڪري سگهي مهنگائي جو راڪاس سندس پگهر جو پورهيو جو پئسو هڪ ئي ڌڪ ۾ ڳڙڪائي ويندو آهي،سڄو ڏينهن سردي توڙي گرمي سهي محنت مزدوري ڪندڙ غريب جي زندگي جي درد جي دوا ڪير ڪرڻ وارو ناهي.!!! ڪير به ناهي جو سندس زندگي جي ڏکين اڙاگن سفرن تي سچائي سان سوچي. !!!!غريب مسڪينن جي زندگي ڏکن ۾ گذارڻ جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ مان سمجهان ٿو ان ملڪ ۾ تيز بالن جيان مّظوم عوام جي حقن ڌاڙو ملڪ ۾ وڌندڙ ڪرپشن آهي ،ملڪ ۾ مالي بدعنواني ڪا نئين ڳالهه ناهي اهو بدعنواني جو جو راڳ صدين کان وڄندو ٿو اچي پر اصل ڳالهه اها آهي ته انهي مالي بدعنواني ۽ مالي صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪهڙي ڪوشش ڪئي آهي حڪومت دعوِيٰ ته وڏيون ڪري رهي آهي پر اصل حقيقت ان تي عمل بلڪل ڏسڻ ۾ ناهي اچي رهيو ڇو ته ملڪ ۾ هر کاتي ۾ ڪرپشن هڪ ڪينسر جهڙي موذي مرض جيان فهلجي وئي آئي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ شايد ئي ڪو هجي جو سوچي.!!!!! وفاق حڪومت هجي يا سنڌ سرڪار ڪرپشن کي اکين تي رکيل چشمي کان سواءِ صاف ۽ چٽو ڏسي سگهجي ٿو.! ايتري قدر جو سنڌ جا ننڍا وڏا روڊ تباهه ٿي ويا آهن،تعليم لاءِ درس گاهه بڻيل اسڪول،توڙي ان ۾ ايندڙ هر فند ٿر ڏڪار سٺيل عوام لاءِ ايندڙ ڪڻڪ ڇو نه هجي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ملڪ ۾ مئلن جي ڪفن تي به ڪرپشن آهي ۽ جنهن ملڪ ۾ايتري ڪرپشن هجي ان ملڪ جي عوام جي تقدير سون چاندي جي بارش به سڌاري نه سگهندي ملڪ ۾ ملندڙ هر کاتي ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽٽل آهن ڪهڙو کاتو آهي جنهن ۾ ڪرپشن ناهي آخر عوام کي رليف ڇو نه پيو ملي غريب مسڪين عوام سسڪي سسڪي زندگي گذاري رهي آهي سندس هر حق تي ڌاڙو لڳي رهيو آهي،چونِڊيل نمائيندن کان ويندي حڪومت سنڌ ۽ وفاق عوام کي ڪو به رليف ناهي ڏئي سگهي، جتي سرڪار تيل جي اگهن ڳاڻي ٽوڙ واڌ گهٽتائي جنهن جي ڪري ڏسجي ته انهي سان غريب عوام کي نقصان ئي پهتو فائدو پهتو آهي غريب عوام اهو ئي بسن ۽ ويگنن ۾ ڌڪا کائي رهي آهي جڏهن ته ڪرايو پاڻ اڳ کان وڌيڪ ورتو پيو ..!!غريب عوام پيٽرول پئندي ته ڪون .!!! انهن کي سندس بکئي پيٽ سمهندڙ ٻارن لاءِ هڪ وقت جو ئي سهي پر لولو گهرجي. حڪومت روز مرهه جي شين جي ريٽ کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڇو ڪون پئي ڪري.؟ دڪاندارن پنهنجي روز مره جي شين کي پنهنجي هٿ سان ريٽ لکي غريب عوام سان جيڪو ظلم ڪن پيا هر زوز ڪنهن نه ڪنهن شهر خبر پڙهڻ لاءِ ملندي آهي ته مهگائي خلاف فلان فلان هندن تي مظاهرو ڪيو ويو ڇا حڪومت ۽ چونڊيل نمائيندن جي اکين تي پٽيون ٻڌل آهن جو کين خبر ناهي….!! سڀ خبر آهي پر اصل حقيقت آهي احساس جي غريب عوام جي درد جي درد کي پنهنجو درد سمجهي انهي کي حل ڪرڻ جي.! بس اهو ڪير نه ٿو ڪري سڀ ڪو اقتدار جا ڏينهن پورا ڪري پنهنجا پيٽ ڀري هليو ٿو وڃين عوام لاءِ اهي ئي درد اهي ئي سور اهي ئي بکئي پيٽ سمهندڙ ٻارن جي رڙ ڪوڪ دانهن ۽ آهون .ڇو آخر ڇو ايڏي وڏي ازذيت واري زندگي گذارڻ تي ملڪ جي عوام کي ڇو مجبور ڪيو ويو آهي پاڪستان جي عوام جنهن ۾ خاص طور سنڌ جي غريب مسڪين عوام.،،،!!! سنڌ اندر 60فيصد غريب مسڪين عوام آهن جن ۾ ڪوڙين خاندان اهڙا به آهن جيڪي کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار بکئي پيٽ سمهن ٿا..!!سنڌ جي عوام ايتري ته ساڌي ۽ غريب آهي جنهن هميشه سنڌ حڪومت کي پنهنجو همدرد ساٿي سمهجو آهي پر کين انهن مان ڪو لاٿ نه ملي سگهيو آهي هن ديس جي رهواسين جي جون شامون راتيون ڏينهن سڀ دردن سان ڀريل آهن پر ڪنهن کي ڪهڙي معيار ڪجي.!!!پر ڪو ايترو ته ٻڌائي سنڌ اندر رهندڙ ڪنهن ٻئي صوبي وارو بکيو سمهندو هجي ڪو لولي لاءِ رڙ ڪندو هجي ڪنهن بک وچان ٽائر ساڙيا هجن روڊ بلاڪ ڪيا هجن پر سنڌ جي هر شهر هر ڳوٺ هر وسندين ۾ اڄ هڪڙي قميض ۾ هلندي هزارين ٻار ڏسڻ ۾ ٿا اچڻ جن جي بدن جو ماس بک کائي انهن جي جسمن کي بک هڏن جو پنجرو بنائي ڇڏيو آهي سندس چهڙي جي چوڌاري مکين پنهنجو لوڙهو ڏئي اتي گهر ٺاهي ڇڏيو آهي ،بيماريون سندن مقدر ۽ پاچي جيان سندس پويان آهن سمهڻ لاءِ انهن وٺ رلي نه ناهي اوڍڻ لاءِ وٺن اميد ۽ آسرو آهي ٻيو ڪهجه به نه. بي وسي مايوس چهڙا مٽي سندا منهن وکريل وار رت جا ڳوڙها وهندڙ پنهنجي مقدر تي آليون اکيون. جن ۾ هاڻي خواب نه ناهن رهيا شايد هو وسري ويل آهن.!!!هنن کي هاڻ سارڻ ڇڏي ڏنو آهي سڀن انهن کي وساري ڇڏيو آهي پر اها حقيقت آهي سنڌ جنهن هميشه ڪربلا جون يادون تازا ڪيون آهن هتي جي عوام جو مقدر ڀلي جي مقدر ۾ ڀلي رات جو بکيو پيٽ سمڻ نصيب ڇو نه هجي پر وٺن حوصلو آهي همت آهي پر حڪومت سنڌ کي گهرجي ته سنڌ ۾ هلندڙ بک بي روزگاري جي اشوز تي غور ويچار ڪري انهي عملي ساراه جوڳا قدم کڻي سنڌ واسين کي جيئڻ جو حق ڏئي برسات ۾ سنڌ جا سمورا ضلعا برسات سبب تمام گهڻا متاثر ٿيا آهن پر حڪومت چئي رهي آهي ته سنڌ ۾ ڪو به نقصان ناهي ٿيو،،انهي ڪري سوال اهو آهي ته آخر اهين ڇو ٿي رهيو آهي حڪومت ڇو سنجندا ناهي انهي حڪومت عوام کي نڌڻڪو ۽ لاوارث ڪري ڇڏيو آهي،انهي جا ڪيترا سوال ذهن ۾ اچڻ کان پوءِ هڪ ئي جواب ملي ٿو ته سنڌي عوام ۽ سنڌ مڪمل طور نڌڻڪي ۽ لاورث بڻجي چڪي آهي،ڇو ته حڪومت چترال ۾ ،متاثرين جي ڪڙورين رپيا ڏئي سگهي ٿي اتي سنڌ عوام کي ڇو نه،چترال اسان جي ملڪ جو هڪ حصو آهي انهي ڪري اهو تهسب وارو سوال ناهي پر حق برابري جو هجڻ ضروي آهي جيڪو سنڌ ۽ بلوچستان عوام کي نه ملي رهيو آهي.؟؟

پهنجو تبصرو موڪليو