پي ٽي آئي پوليٽيڪل آرڊر 2002 تحت فارن ايڊڊ پارٽي ڊڪليئر ٿي وئي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (بيورو) سڌسماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف پوليٽيڪل پارٽي آرڊر 2002 تحت فارن ايڊڊ پارٽي ڊڪليئر ٿي وئي اهي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي موجب عمران صاحب 5 سال ڪوڙو ايفي ڊيوٽ جمع ڪرايوآهي پنهنجي بيان۾ مريم اورنگزيب چيو ته 8 سالن۾ 11 ڀيرا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو دروازو کڙڪايو ويو آهي ۽ 9 وڪيل تبديل ٿي چڪاآهن هنچيوت ه فارن ايجنٽ ۽ فارن ايڊڊ پارٽي جي قانون جاسمورا دروازا بند ٿين ٿا هن چيو ته 8 سالن ۾ پي ٽي آئي 9 وڪيل تبديل ڪيا 50 ڀيرا ٻڌڻي کي ملتوي ڪرايو. 11 پٽيشنز هاءِ ڪورٽ ۾ڪيون هن چيو ته اڄ 100 ڳالهيون ڪري رهيا آهن 8 سالن ۾ اليڪشن ڪميشن ۾ ڪرڻي هئي نه، رانا ثناءُالله جو خوف عمران خان کي هو انهيءَ ڪري 20 ڪلو هيروئن جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو هو هن چيو ته رانا ثناءُالله جي ڊپ کان 25 مئي تي عمران صاحب خيبرپختونخواه ڀڄي ويوهو، فواد احتياط سٺي شئي آهي حيثيت ۽ اوقات تائين نه وڃو ته اوهان لاءِ سٺو ٿيندو هن چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو اچي چڪو آهي هاڻي قانون مطابق عمل ٿي رهيوآهي هن چيو ته 8 سالن ۾ هڪ رپيو ۽ هڪ اڪائونٽ جو حساب ناهي ڏنو هاڻي ڪنهن جواب جي ضرورت نه آهي هاڻي فارن ايجنٽ عمران خان ۽ فارن ايڊڊ پارٽي جو ڪو، فراڊ ۽ تماشو ختم.

پهنجو تبصرو موڪليو