شگر جي حوالي سان سائنسدانن جي نئين دريافت

لنڊن (ويب ڊيسڪ)دنيا ۾ شگر جو مريض تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آهي ۽ ان جو شڪار ماڻهو مختلف مسئلن کي منهن ڏيندو آهي.اڃا تائين اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته ڪو ماڻهو شگر جو شڪار ڇو ٿيندو آهي پر هڪ نئين تحقيق ۾ ان جو امڪاني جواب ڏنو ويو آهي.آمريڪا جي هارورڊ ميڊيڪل اسڪول جي تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته رڳن جو نظام غير فعال ٿيڻ سان اهڙيون ميٽابولڪ تبديليون ٿينديون آهن، جيڪي شگر جو سبب بڻجن ٿيون. تحقيق ۾ شامل ميڊيسن پروفيسر ٿامس جي بيٽسن موجب شگر ۽ انسولين جي مزاحمت جي مريضن بابت اهو خيال ڪيو ويندو آهي ته اڇي چرٻي ۽ ورم رت جي رڳن کي غير فعال ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا، جنهن سان اکين جي روشني، دل ۽ بُڪين جا مرض ٿين ٿا پر اسان دريافت ڪيو ته حقيقت ۾ رت جون رڳون ئي ان حوالي سان اهم عنصر آهن ۽ اسان کي ان بابت اڳ ۾ علم نه هو.رت جي رڳن تي ناڪاري اثرن سان گڏوگڏ شگر کي جسم ۾ برائون فيٽ جي ذخيري جي کوٽ سان به جوڙيو ويندو آهي، جيڪو جسماني گرمي پد، جسماني وزن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ توانائي جي فراهمي جو ڪم ڪندو آهي.ان تحقيق ۾ شگر سان متاثر ڪوئن تي مختلف تجربا ڪيا ويا ۽ محققن دريافت ڪيو ته انهن ۾ انسولين جي حساسيت ان وقت وڌي، جڏهن رت جي رڳن جو وزن گهٽ ٿيو.ان جي نتيجي ۾ انهن ڪوئن ۾ برائون فيٽ جو مقدر وڌي ويو ۽ رت جي رڳن کي پهچڻ نقصان گهٽ ٿي ويو.وڌيڪ تحقيق تي ماهرن دريافت ڪيو ته انسولين طرفان رت جي رڳن کي خليون موڪليون وينديون آهن، جنهن سان نائٽرڪ آڪسائيڊ ٺهڻ جو عمل شروع ٿيندو آهي ۽ برائون فيٽ خليون ٺهڻ لڳنديون آهن.ان جي ڀيٽ ۾ انسولين جي مزاحمت تي اهو عمل ابتو ٿي ويندو آهي ۽ نائٽرڪ آڪسائيڊ جي کوٽ سبب دل جي رڳن جي مرضن جو خطرو وڌندو آهي.محققن چيو ته اڳ سمجهيو ويندو هو ته شگر سان دل جي رڳن جي مسئلن جو خطرو وڌندو آهي پر نتيجن سان اهو عمل ابتو محسوس ٿيو آهي.هنن چيو ته وڌيڪ تحقيق سان شگر جي علاج جو نئون طريقو جوڙڻ ۾ مدد ملي سگهندي.ان تحقيق جا نتيجا سرڪيوليشن ريسرچ رسالي ۾ ڇپيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو