ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ تي پنجاب ۾ ڪارروائي جو اعلان

اسلام آباد(بيورو) تحريڪ انصاف پاران ماڊل ٽائون سانحي جي رپورٽ تي پنجاب ۾ ڪارروائي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پنجاب حڪومت ماڊل ٽائون سانحي جي تيز رفتار جاچ ڪرائيندي ۽ جي آءِ ٽي به جوڙي ويندي پريس ڪانفرنس دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته اميد آهي ته راڻا ثناءُ الله، عطا تارڙ ۽ ملڪ احمد خان جاچ ۾ سهڪار ڪندا، راڻا ثناءُ الله جي حيثيت ڪوهسار ٿاڻي جي ايس ايڇ او جيتري آهي، حڪومتي تبديليءَ کانپوءِ فيصل آباد به نه ويو آهي پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته ايف آءِ اي ڪهڙي حيثيت ۾ پارٽي اڳواڻن کي نوٽيس جاري ڪري رهي آهي، اليڪشن ڪميشن فارين فنڊنگ واري ڪيس ۾ رڳو پي ٽي آءِ خلاف فيصلو ڏنو، قانون موجب هر سياسي پارٽي بابت فيصلو اچڻ گهرجي ها

پهنجو تبصرو موڪليو