علي اسد گولڊ نه کٽڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

برمنگهم (ويب ڊيسڪ)برمنگهم ۾ جاري ڪمن ويلٿ گيمز ۾ پاڪستان لاءِ برونز ميڊل کٽيندڙ علي اسد سونا نه کٽڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو. ڳالهائيندي علي اسد چيو ته جيڪڏهن اسان کي 3 مهينا اڳ ٽريننگ ٽور ڏنو وڃي ها ته اڄ سونا کٽي سگهون ها.هن وڌيڪ چيو ته ٽي مهينا اڳ هن پاڪستان اسپورٽس بورڊ (پي ايس بي) کي ٽريننگ لاءِ دورو ڪرڻ لاءِ چيو هو. علي اسد اهو به چيو ته مان خوش آهيان ته پهرين ايونٽ ۾ ميڊل حاصل ڪيو، ميڊل والدين، ڪوچز ۽ عوام جي دعائن جو نتيجو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو