بلاول ۽ فريال جي تڪ جا آبادگارن جو پاڻي نه ملڻ خلاف احتجاج

نئون ديرو(ن سنڌيار) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر جي چونڊ تڪ جي آبادگارن کي دادو ڪئنال مان زرعي زمينون آباد ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ ٻوڏ هجڻ باوجود پاڻي نه ملي سگهيو جنهن ڪري شهيدن جي شهر نئون ديرو ڀرسان دادو ڪئنال جي زرعي پاڻي تي زمينون آباد ڪندڙ ڳوٺ شهمير ڏاهاڻي، ٽڳڙ، ڀٽي، موريا، شيخ سميت 20 کان وڌيڪ ڳوٺن جي آبادگارن سڪل ٻيجارو هٿن ۾ کڻي ڪائونسلر شهمير خان ڏاهاڻي، گدا حسين شيخ، نجف ڀٽو، اوشاق آگاڻي، عبدالرحيم ڏاهاڻي، ستار شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سوين ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري “پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا، راشي انجنيئر دادو ڪئنال کي هٽايو جا زوردار نعرا هنيا، جتي دانهون ڪندي آبادگار اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان جي زمينن ۾ مٽي اڏامي رهي آهي مئي مهيني وارو پاڻي آگسٽ ۾ به ناهي ڏنو ويو ٽيوب ويلن تي پوکيل ٻيجارو به سڙي سڪي رهيو آهي. اسان جون دانهون آخر ڪير ٻڌندو. هنن وڌيڪ چيو ته زراعت ملڪ ۾ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي پر ان باوجود زراعت کي هٿي وٺرائڻ بجاءِ پوئتي ڌڪڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. اسان هزارين روپيه مهانگي اگهن ۽ بليڪ تي ڀاڻ ۽ ٻيجارو خريد ڪرڻ باوجود زمينون آباد ڪرڻ لاءِ آگسٽ مهيني ۾ به پاڻي نه ڏنو ويو آهي. هنن الزام هڻندي چيو ته دادو ڪئنال تي آبپاشي کاتي جو مقرر انجنيئر، ٽنڊيل، داروغا سڀ ڌار – ڌار رشوت جي گهر ڪري رهيا آهن ۽ اسان کي چون پيا ته چيف انجنيئر سکر کي پئسا ڏيڻا آهن جيستائين پئسا نه ڏيندئو تيستائين توهانکي پاڻي نه ڏنو ويندو. اسان آبادگار آخر ڪيڏانهن وڃون اسان جا زيتونن جا باغ، سبزيءَ جون واڙيون، ساريالي فصل جو ٻيجارو سڙي سڪي وڃڻ ڪري لکين روپين جو نقصان پئجي رهيو آهي. هن وقت ملڪ ۾ ٻوڏ هجڻ واري صورتحال آهي ۽ اسان کي گهربل پاڻي به نٿو ملي. دادو ڪئنال ۾ 7 کان 9 فوٽ پاڻي هلي رهيو آهي جيڪو ناڪافي آهي اسان کي گهٽ ۾ گهٽ 11 فوٽ پاڻي ڏنو وڃي. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ايم پي اي فريال ٽالپر، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آبپاشي کاتي جي وزير کي اپيل ڪئي ته گهربل زرعي پاڻي فراهم ڪري پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي، جيڪڏهن شام تائين پاڻي نه ڏنو ويو ته آبپاشي کاتي جي انجنيئر جي آفيس جو گهيراءُ ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهنداسين ۽ تيستائين احتجاج ختم نه ڪيو ويندو جيستائين اسان کي گهربل 11 فوٽ پاڻي فراهم نٿو ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو