ڏوهارين جي خلاف سخت ڪارروائي، 03 جوابدار گرفتار

باڊھ (ن سنڌيار)باڊھ ۾ ڏوهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪري 03 جوابدار گرفتار ڪري ورتا جن کان 03 ڪمپيوٽر LCD. هڪ پرنٽر. هڪ ليپ ٽاپ. هڪ سولر پليٽ. 100 وولٽ جي بيٽري برآمد ڪري ورتي ۔ باڊھ پوليس چوري ٿيل مسجد جي بيٽري ۽ سولر پليٽ ھٿ ڪري ورتي ۔ باڊھ پوليس شهري صدام حسين شاهاڻي کي 03 ڪمپيوٽر ايل سي ڊي هڪ پرنٽر ۔ هڪ ليپ ٽاپ ۔ هڪ عدد اسٽوپلائيزر ۔برآمد ۔ ان موقعي تي ايس ايڇ او باڊھ دل جان مگسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو سرفراز نواز جي حڪم تي چورن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ هٿ آيل سامان اصل مالڪ جي حوالي ڪيو ويو آهي. ھن وڌيڪ چيو ته چور ڪيڏو به ڇاتر ۽ چالاڪ ڇو هجي ان کي ڪڏهن به بخش نه ڪيو ويندو۔ هو ڪڏهن به قانون ڏاڍو ٿي نٿو سگهي ۔ انشاء الله هنن جو خاتمو ٿيندو عوام سڪون جو ساھ کڻي سگهندو ۔ايس ايڇ او باڊھ ۽ ان جي ٽيم لاء ايس ايس پي لاڙڪاڻو سرفراز نواز احڪام جاري ڪري ڇڏيا برآمد ٿيل سامان اصل مالڪ ڏنو وڃي ۔ ايس ايڇ او دل جان مگسي ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏني. ٻئي طرف ايس ايڇ او باڊھ دل جان مگسي مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي. شھرن ايس ايس او باڊھ دل جان مگسي وٽان سامان وٺندي اصل مالڪ چيو ته لاڙڪاڻي ۾ ايس ايس پي سرفراز نواز صاحب جڏهن کان مقرر ٿيو چورن سماجي برائين رهندڙ مسجدون وسائيون آهن ۔هنن وڌيڪ چيو انشاءَ الله اُهو ڏينهن پري ناهي جڏهن سمورا چور ۽ ڌاڙيل پنهنجون چوريون ڇڏي مسجدن ڏانهن وسائيندا . هن ايس ايڇ او باڊھ دل جان مگسي جو به شڪريو ادا ڪيو، هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان ايس پي لاڙڪاڻو سرفراز نواز صاحب جا شڪر گذار آهيون ته هن باڊهه ۾ هڪ بهادر ۽ ايماندار آفيسر کي مقرر ڪيو آھي جيڪو چورن ۽ ليٽرن جو خاتمو ڪري باڊھ واسين کي سڪون جو ساھ کڻڻ ڏيندو ۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو