عمران خان گارنٽي ڏيڻ واري” نيوٽرل “ جو نالو ٻڌائي:سعيد غني

ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزير ۽ پ پ اڳواڻ سعيد غني عمران خان کان اليڪشن ڪمشنر جي نالو ڏيڻ واري نيوٽرل جو نالو ٻڌائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پنهنجي هڪ بيان ۾ سعيد غني سوال اُٿاريندي چيو ته عمران خان فنڊنگ بدلي عارف نقوي جي ڪمپني کي 28 ارب رپين جو فائدو رسايو، عمران خان ڪوڙو ثابت ٿيو، ممنوع فنڊنگ تي پارٽي ڪيئن برقرار رهندي؟ هن عمران خان کي صلاح ڏني ته هو بيٽ بدران مرغي يا گابي جو نشان رکي. سعيد غني وڌيڪ چيو ته عمران خان جن مٿان بوٽ پالش ڪرڻ جو الزام مڙهي رهيو آهي انهن اهڙو ڪو ڪم ناهي ڪيو، عمران خان ڪوڙو ثابت ٿي چڪو آهي، عارف نقوي لنڊن ۾ پڪڙيو ويو ته هن ريفرنس طور عمران خان جو نالو لکرايو. هن چيو ته عمران خان ڪي اليڪٽرڪ جو رهتون ۽ سوئي سدرن جا پئسا معاف ڪري ڇڏيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو