خانگي اسڪول جي استاد مبينا اغوا،پيءُ جو احتجاج،بازيابي جو مطالبو

ٺاروشاھ(ن سنڌيار)ٺاروشاھ مان مبينا طور خانگي اسڪول جي ماسترياڻي اغوا ماسترياڻي جي پيء جون ٿاڻي تي دانهون نياڻي فوري طور بازياب ڪرائي ڏيو نه ته پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندس راشد چوهاڻ جون اين سي داخل ڪرائيندي صحافين آڏو احتجاج,ٺاروشاھ ھريپور محلا ۾ قائم نجي الجليل پبلڪ اسڪول جي ماسترياڻي مقدس چوهاڻ مبينا طور اغوا ٿي وئي ماسترياڻي جي پيء راشد چوهاڻ ٺاروشاھ ٿاڻي تي دانهون ڪندي ٻڌايو ته منهنجي نياڻي نجي اسڪول ۾ ٽيچر هئي جيڪا اڄ اسڪول جي موڪل ٿيڻ بعد گم ٿي وئي آھي اسڪول انتظاميان سان رابطو ڪرڻ تي خبر پئي ته ڇوڪري موڪل ۾ اسڪول مان نڪتي آھي جيڪا اڃان تائين گهر نه پهتي آھي هن چيو ته منهنجي نياڻي کي شھر جا ڪجھ اوباش ڇوڪرا موبائيل فون تي ميسج ۽ ڪالون ڪري تنگ ڪندا هئا انهن ۾ شڪ آھي ته انهن ئي منهنجي نياڻي کي اغوا ڪيو آھي هن ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور منهنجي نياڻي کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ ٿاڻي آڏو پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندس.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو