اسڪول جو ڪم رولڙي جو شڪار،ٺيڪيدار غائب،پئسا هڙپ

ٽنڊوباگو (ن سنڌيار) بدين ضلعي جو قديمي گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول کڏهرو جو 4 سالن کان ٺيڪيدار غائب هئڻ جي ڪري هاءِ سيڪشن بلڊنگ جو مرمتي ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو آھي ۽ چوديواري پڻ مڪمل ختم ٿي چڪي آھي، جڏهن تہ بلڊنگ جو جيڪو ڪم ٿيو آھي ان ۾ ناقص ۽ غير معياري مٽيريل استعمال ڪيو ويو آھي، بلڊنگ جي ڇت مان برسات جو پاڻي سمي پيو، فرش ۾ لڳل ٽائيليس پڻ اکڙي چڪو آھي، کڏهرو جي شھرين صدام حسين غفاري، محمد زمان ملاح، محمد حسين ملاح، محفوظ علي ۽ الطاف رستماڻي ٻڌايو تہ هاءِ سيڪشن جي بلڊنگ جو ڪم اڌ ۾ رهجي ويو ۽ مڊل سيڪشن جي بلڊنگ پڻ ناڪاره ٿي وئي آھي ديوارن ۾ ڏار پئجي چڪا آھن ۽ ڇت مان چاپڙ ھر روز ڪرڻ معمول بڻجي چڪو آھي ان ڪري ڪنھن مھل بہ جاني نقصان ٿي سگھي ٿو هتان جي رهواسين ۽ شاگردن مطالبو ڪندي گھر ڪئي آھي تہ اسڪول جو رهيل ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرائي ٻارڙن جي تعليم ۽ حياتين کي بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو