عمران انوکو لاڏلو ناهي رهيو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان هاڻي انوکو لاڏلو ناهي رهيو، هاڻي هر ڏينهن آچر نه هوندو، عمران خان کي هاڻي پنهنجي ڪرتوتن جو حساب ڏيڻو پوندو ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جا کوڙ ماڻهو پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رابطو ڪري رهيا آهن، لياقت جتوئي به روز منٿون پيو ڪري، پ پ ۾ گنجائش ناهي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ هاڻي بندش پيل پارٽي بڻجي چڪي آهي، عمران خان شڪر ڪري جو سندس خلاف ڪيس اسلام آباد ۾ آهن هن چيو ته سنڌ ۾ حقيقي ڪيس داخل ٿيو ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪنهن جي اجازت جي ضرورت نه هوندي، عمران خان نوجوان نسل کي گمراهه ڪري رهيو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو