ڳوٺاڻن جو مهيني کان بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف احتجاج

اسلام ڪوٽ(ن سنڌيار)اسلام ڪوٽ ۾ ڳوٺاڻن جو مهيني کان بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف احتجاج ٽائرن کي باهيون روڊ بلاڪ، خبرموجب:اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ کاکڻهيار بجير ۾ گذريل هڪ مهيني کان سڙيل بجلي ٽرانسفارمر بحال نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن علي حسن بجير،محمدبجير،مفتي رفيق امين بجير جي اڳواڻي ۾ ٽائون موڙ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن بعدڳوٺاڻن حيسڪو انتظاميه خلاف ريلي ڪڍي واپڊا آفيس اڳيان ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ٽرئفڪ معطل ٿي ويئي ان موقعي تي هنن دانهيندي چيو ته گذريل هڪ مهيني کان ڳوٺ جو بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نٿو ڪيو وڃي،سمورو ڳوٺ مهيني کان اوندھ ۾ ٻڏل آهي بجلي نه هجڻ سبب پاڻي جو به بحران ٿي ويو آهي دانهڻ باوجود حيسڪو وارا بجلي بحال نٿا ڪن حيسڪو وارن ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ لاء پيسا ورتا اهي به ڏنا ٽرانسفارمر صرف هڪ ڪلاڪ هليو وڌيڪ پيسا نه ڏيڻ سبب بجلي بحال نٿي ڪئي وڃي اسان جي ڳوٺ ۾َ100 ميٽر لڳل آهن لڳ ڀڳ سمورا ڳوٺاڻا بل وقت سر پيارين ٿا پوء به بجلي جي سهوليت کسي ويئي آهي مهيني کان ڳوٺ ۾ بجلي نه آهي نوٽيس وٺي بجلي بحال ڪئي وڃي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو