اين ٽي ايس پاس اميدوارن جو احتجاج، سخت نعريبازي

دادو(ن سنڌيار)دادو جي 2013-NTS پاس اميدوارن جو دادو پريس ڪلب اڳيان مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن فدا حسين لغاري، منور سيال، جاويد لغاري، ساجد ڪمڀر، صنم، تسليم پنهور علي شير ڪلهوڙو ۽ ٻين چيو ته ايجوڪيشن سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري ايجوڪيشن منسٽر سردار شاھ خلاف نعريبازي ڪندي دانهيو ته جڏهن اسان جون ڳالهيون ايجوڪيشن منسٽر سردار شاھ سان مڪمل ٿيون ۽ اين ٽي ايس 2013 جي CP ۽ Non CP سڀني اميدواران کي آرڊر ڏئي ڪري پڪو ڪرڻ جو معاعدو ٿي چڪو آهي ته پوءِ آخر ڇو اسان کي رلايو پيو وڃي يا ته سردار شاهه اسان سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ ڪوڙيون ڳالهيون ڪيون يا ته اسان کي لولي پاپ ڏنو پيو وڃي اسان سان ڳالهيون ڪليئر ڪيون وڃن ميڊيا جي روبرو ۽ اسان کي جيسيتائين انصاف نه ڏنو ويندو تيسيتائين اسان ٻيهر روڊن ۽ پريس ڪلبن تي نڪرنداسين، پر پنهنجو حق آخري ساھ تائين نه ڇڏينداسين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو