ٿر ڪول پروجيڪٽ جي تمام وڏي ڪاميابي آهي: مراد علي شاھ

ٿرپارڪر (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 330 ميگاواٽ حبڪو پاور پلانٽ جي شروع ٿيڻ کانپوءِ اسان ڪاميابيءَ سان 990 ميگاواٽ ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي نيشنل گرڊ کي فراهم ڪري چڪا آهيون جيڪا نه رڳو وڏي ڪاميابي آهي پر اهو پاڪستان کي توانائيءَ جي سستي ۽ مقامي وسيلن ذريعي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خواب جي تعبير پڻ آهي. هن اها ڳالهه حبڪو ۽ ٻين ڀاڱي ڀائيوارن جي موجودگي ۾ ٿر ڪول بلاڪ II ۾ 330 ميگاواٽ جي ڪوئلي تي هلندڙ پاور پروجيڪٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. تقريب ۾ توانائي واري وزير امتياز شيخ، SECMC، EPTL، TEL، TNPTL، CEMC، HBL (پروجيڪٽ پارٽنرز) تقريب ۾ شرڪت ڪئي. مراد علي شاهه چيو ته سندس ٿر انرجي لميٽيڊ مان ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پهچائڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪري فخر محسوس ٿيو. هن حبڪو ۽ ٻين پارٽنرز ايف ايف سي ۽ سي ايم اي سي ۽ پروجيڪٽ ٽيم کي مبارڪون ڏنيون جن ڪيترن ئي چيلنجز باوجود پروجيڪٽ کي حقيقت بڻايو. مراد علي شاهه چيو ته سندس حڪومت هميشه ٿر کي پاڪستان جي انرجي سيڪيورٽي لاءِ بنيادي حيثيت سمجهيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خواب جي تعبير کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا آهن ۽ هاڻي سندس ويزن جي تصديق ٿي چڪي آهي ڇوته ٿر جي ڪوئلي جا اگهه امپورٽ ٿيل لِنگنائيٽ جي ڀيٽ ۾ ٻه کان ٽي ڀيرا سستا آهن ۽ اربين ڊالرن جي پرڏيهي مٽاسٽا ۾ بچت آهي. سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت پهرين ٿر ڪول مائننگ ڪمپني SECMC ۾ اهم شيئر هولڊر بڻجي وئي آهي ۽ چين جي قرض ڏيندڙن کي به يقين ڏياريو ويو ته مائن جي مالياتي مڪمل ٿيڻ لاءِ گهربل مالي مدد فراهم ڪئي ويندي. مراد علي شاهه چيو ته سندس حڪومت ٿر ڪول جي آءِ پي پيز سان گڏوگڏ مائننگ ڪمپنين کي به مسلسل مدد فراهم ڪري رهي آهي ۽ روڊن، پلن ۽ مائي بختاور ايئرپورٽ سميت سمورن ضروري انفراسٽرڪچر جي فراهمي کي به يقيني بڻايو آهي ته جيئن انهن منصوبن تي آساني سان عمل ٿي سگهي. مراد علي شاهه چيو ته اسان ٿر پاور پراجيڪٽس لاءِ پاڻي جي گهرج کان به واقف آهيون ۽ اسان بجلي جي پيداوار لاءِ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ انتظام ڪيا آهن. مراد علي شاهه چيو ته ٿر جي ترقي جو بنيادي محرڪ مقامي آبادي جي ڀلائي آهي. مراد علي شاهه چيو ته ٿر جي ڪوئلي جي ترقيءَ سان مقامي ماڻهن جي زندگين ۾ به مثبت تبديليون آيون آهن، ٿر فائونڊيشن ذريعي مائننگ ۽ پاور جنريشن ڪمپنين کي روزگار، تعليم، طبي سهولتن جي شعبن ۾ بهتري لاءِ ايس سي آر جون سرگرميون ڪيون آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو ٿر جي ڪوئلي جي استعمال کي يقيني بڻائڻ لاءِ پڻ ڪم ڪري رهيا آهن ته جيئن ٿر جي ڪوئلي کي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ سيمنٽ، ڀاڻ ۽ ٻين صنعتي شعبن جي طلب کي پورو ڪري سگهجي، ٿر جي ڪوئلي جي ماس ٽرانزٽ لاءِ ريل لنڪ جوڙڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ريل لنڪ منصوبي تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو، مراد شاهه چيو ته ٿر انرجي لميٽيڊ ٿرڪول تي ٻڌل 330 ميگاواٽ ڪوئلي تي ٻڌل پاور پراجيڪٽ آهي. هن وڌيڪ چيو ته هي چين پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور (CPEC) جو حصو آهي، هي منصوبو حب پاور ڪمپني لميٽيڊ (HUBCO)، فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني لميٽيڊ (FFC)، چائنا مشينري انجنيئرنگ ڪارپوريشن (CMEC) جو گڏيل منصوبو آهي ۽ ان کي 520 ملين آمريڪي ڊالر جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته منصوبي لاءِ پرڏيهي فنانسنگ جو بندوبست چائنا ڊولپمينٽ بئنڪ جي اڳواڻي ۾ هڪ چيني سنڊيڪيٽ ڪيو ويو جڏهن ته مقامي فنانسنگ جو بندوبست حبيب بئنڪ لميٽيڊ جي اڳواڻي ۾ هڪ سنڊيڪيٽ ڪيو ويو. ديسي ٿر ڪول جي جلد استعمال کي يقيني بڻائڻ لاءِ اسپانسرز جي ايڪويٽي سان مئي 2018 ۾ منصوبي جي تعمير شروع ڪئي وئي. منصوبي جي مالي پڄاڻي جنوري 2020 ۾ هئي. چيني قرضدارن پاران قرض جي واپسي ۾ دير ڪرڻ ۽ ڪورونا وبا سبب پروجيڪٽ ۾ دير ٿي. پروجيڪٽ هاڻي باضابطه شروع ٿيڻ واري مرحلي ۾ آهي ۽ سنڌ جي وڏي وزير ان کي باضابطه طور تي اڄ 3 آگسٽ 2022 تي نيشنل گرڊ سان ملائڻ لاءِ شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته سي او ڊي 20 کان 28 آگسٽ تائين جو امڪان آهي. ان موقعي تي چيئرمين حبڪو حبيب الله ۽ سي اي او ڪامران ڪمال پڻ خطاب ڪيو ۽ منصوبي جي شروعات ۾ درپيش مسئلن کي آگاهه ڪيو. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير پاور پلانٽ ۽ ان جي ڪنٽرول روم جو دورو ڪيو جتي هن ڪمپيوٽرائيزڊ ڪنٽرولڊ پاور پلانٽ تي ڪلڪ ڪري بجلي جي پيداوار کي نيشنل گرڊ سان ڳنڍيو. سنڌ جي وڏي وزير مائوس جي ڪلڪ سان 40 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ موڪلي ڇڏي ۽ آگسٽ جي آخر تائين 330 ميگاواٽ بجلي قومي سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو