گارڊن پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ دستي بم ڌماڪو، 2 اهلڪارشهيد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)گارڊن پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ دستي بم ڌماڪو، هڪ پوليس اهلڪار مارجي ويو. پوليس ذريعن موجب گارڊن پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ دستي بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار مارجي ويو ۽ 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. اسپتال ذريعن موجب واقعي کانپوءِ 4 زخمي پوليس اهلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ اهلڪار شهزاد جي سڃاڻپ دوران علاج دوران فوت ٿي ويو. زخمين ۾ سب انسپيڪٽر سعيد، پوليس اهلڪار گوهر ۽ صابر شامل آهن، جيڪي واقعي ۾ سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي. اهو واقعو تخريبڪاري آهي يا حادثو؟ پوليس اختيارين طرفان ڪو به بيان سامهون ناهي آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو