پي ايف يو جي، جي چونڊ ۾ لالا اسد سميت ٻين جي ڪاميابي تي تقريب منعقد، خطاب

سکر(بيورو رپورٽ) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس تازو ٿيل چونڊن ۾ سيڪريٽري فنانس جي عھدي تي وڏي اڪثريت سان لالا اسد پٺاڻ، (پي ايف يو جي) جي ايف اي سي ميمبر امداد بوزدار جي ڪامياب ٿيڻ ۽ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي 72 ھين يوم تاسيس جي موقعي تي سکر يونين آف جرنلسٽس پاران سکر پريس ڪلب ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب جي شروعات ۾ پي ايف يو جي جي سيڪريٽري فنانس لالا اسد پٺاڻ ۽ ايف اي سي ميمبر امداد بوزدار جو سکر پريس ڪلب پھچڻ تي شاندار استقبال ڪندي مٿن گلن جي ورکا ڪئي وئي. بعد ۾ پي ايف يو جي جي 72 ھين يوم تاسيس جي تقريب کي پي ايف يو جي جي سيڪريٽري فنانس لالا اسد پٺاڻ، ايس يو جي جي صدر سليم سھتو، جنرل سيڪريٽري جاويد جتوئي خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏھن نعرا ھڻڻ سان حق ملي ھان ته پاڪستان جو سڀ کان وڌيڪ غريب اڄ خوشحال ھجي ھان ڇاڪاڻ ته پاڪستان جو غريب يا ته پنھنجي يا ته ڪنھن ٻئي لاء نعرا ھڻندو آھي. اسان سمجھون ٿا ته جنھن وقت پاڪستان جي سمورن مزدورن کي شڪاگو جي شھيد مزدورن جي قرباني سمجھ ۾ آئي ته ملڪ جو مزدور خوشحال ٿي ويندو. تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي تاريخي جدوجھد تي تفصيلي روشني وجھندي چيو ته پاڪستان ۾ صحافي جي حقن لاء جاکوڙيندڙ واحد تنظيم پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس آھي جيڪا ھر دور ۾ ملڪ جي صحافين جي حقن لاء جاکوڙ ڪندي رھي ٿي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو