مبارڪپور ٿاڻو جي حد ۾ بدامني جي پکڙجي ويئي، چوريون روز ج معمول

ٺڪراٺو ( ن سنڌيار ) ٿاڻو مبارڪپور جي حد ۾ چورن تر تپائي ڇڏيو هر رات ٺڪراٺو ، مبارڪپور ، ڳاڙهودڙو ، روپهر ، اوچيهر ۽ ٻين علائقن مان روز جي معمول مطابق چوريون ٿيڻ لڳيون گذريل رات ڳوٺ آچر مهر مان چار نامعلوم چور پورهيت لياقت علي مهر جي گهر ۾ گهڙي ڀلوڙ نسل جون 13 ٻڪريون ۽ هڪ ٻڪر ٽوٽل 14 ٻڪريون چورائي فرار ٿي ويا ، مبارڪپور پوليس کي بروقت ئي اطلاع ڏنو ويو پر مبارڪپور پوليس پنهنجي روايتي سستي برقرار رکندي جاء وقوع تي نه پهتي ڳوٺاڻڻ پاران پنهنجي مدد پاڻ چورن جا پيرا کڻي پيڇو ڪيو ويو جيڪو پيرو ڳوٺ آچر مهر کان مبارڪپور لنڪ روڊ تي گم ٿي ويو ، ڳوٺاڻن اسد علي ، غلام محمد ، لياقت علي ۽ ٻين ميڊيا آڏو ڳالهائيندي چيو ته اسان جي علائقي ۾ چوريون روز معمول بڻجي ويون آهن مبارڪپور پوليس بدامني کي روڪڻ ۾ مڪمل ناڪام بڻجي ويئي آهي ، اسان ڊي آء جي سکر ، ايس ايس پي سکر ۽ ڊي ايس پي پنوعاقل کي اپيل ٿا ڪريون ته فل فور نوٽيس وٺي ڪري اسان جي ٿيل چوري واپس ڪرائي وڃي ۽ مبارڪپور پوليس جي پڻ ناڪامي کي نظر ۾ رکندي ٿاڻو تي ڪي باصلاحيت ۽ دلير اهلڪار مقرر ڪري علائقي ۾ امن قائم ڪرايو وڃي __

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو