شيرين رحمان ۽ امين الحق جي بدين آمد،برسات متاثر علائقن جو دورو

بدين(ن سنڌيار) وزير اعظم ميان شھباز شريف جي طرفان سنڌ ۾ برسات جي تباهه ڪارين جو جائزو وٺڻ لاء وفاقي وزيرمسمياتي تبديلي شيرين رحمان ۽ وفاقي وزير انفارميشن ٽيڪنا لاجي امين الحق ۽ ايم اين اي کيئل داس تي جوڙيل ڪميٽي انڱاري ڏينهن بدين پھتي ته بدين ضلع جي انتظاميا ۽ اطلاعات کاتي طرفان صحافين کي اطلاع ڏنو ويو ته جائزا ڪميٽي درٻار ھال ۾ پريس ڪانفرنس ڪري ٿي ۽صحافين سان ملاقات ڪندي بدين جا صحافي ڏنل وقت تي درٻار ھال تي پھتا ته ضلعي انتظاميا ۽ بدين جا چونڊيل نمائندا جن ۾ صوبائي وزير ۽ وڏي وزير جو معاون خاص شامل آهن ڪميٽي کي بدين شھرجو وزٽ ڪرائڻ بھاني وٺي ھليا ويا ۽ برسات جي پاڻي ۾ ٻڏل ۽ متاثر علائقن جي بجاء سومر ڏينهن کان مشينون لڳائي شھر جي روڊن جو پاڻي نيڪال ڏيکاري ڪميٽي کي پراڻي سول اسپتال آندو ويو ته جتي چند سرڪاري ملازمن کي برسات سٽيل ڄاڻايل ڪري پيش ڪيوويو ۽ انهن کان ڊي سي ۽ چونڊيل نمائندن وزير ۽ مشير جي واکاڻ ڪرائي ويئي جتان کان ڪميٽي کي ڊي سي ڊي سي آفيس ڏانهن آندو پئي ويو ته ۾ سول اسپتال روڊ تي گڏ ٿي ويل برسات متاثر ماڻهن وفاقي وزيرن جي گاڏي کي روڪي ھيٺ لھي پاڻي ۾ ٻڏل پاڙن ۽ تعليمي ادارن جو معائنو ڪرڻ جو چيو جنهن تي وفاقي وزير شيرين رحمان گاڏي مان لھڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي اھو چئي گاڏي مان لھڻ کان روڪيو ويو ته اتي پاڻي نيڪال لاء مشينون لڳايون ويون آهن شام تائين پاڻي نيڪال ٿي ويندو ۽ ڪميٽي کي ڊي سي آفيس ۾ ڪميٽي روم ۾ آندو ويو جتي ڊي سي ۽ چونڊيل نمائندن طرفان سب ٺيڪ آهي جي بريفنگ ڏني ويئي ٻي طرف صحافي درٻار حال ۾ ٽن ڪلاڪن تائين وفاقي وزيرن جي ڪميٽي جو انتظار ڪندا رھيا ۽ انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن طرفان ڄاڻي ڪري پريس ڪانفرنس کي ڊلي ڪرڻ تي صحافي احتجاج ڪري درٻار ھال مان اٿي ھليا ويا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو