آئي بي ٽيسٽ پاس آفر آرڊر نه ملڻ تي اميدوارن جو احتجاج

ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)ٽنڊو محمد خان ۾ آئي بي ٽيسٽ پاس ۾ مقرر 40 فيصد مارڪون کڻڻ باوجود آفر آرڊر نه ملڻ تي اميدوارن جو احتجاج . پاڻ ساڙڻ جو چتاءَ ڏنو ويو . ٽنڊو محمد خان جي آئي بي ٽيسٽ پاس اميدوارن ضلعي جي عملدارن طرفان پاس مارڪن ۾ 40 فيصد هجڻ باوجود آفر آرڊر نه ملڻ تي اميدوارن الفتاح چوڪ کان آئي بي ٽيسٽ پاس ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ رياض سومرو ، حمزه خان يوسفزئي ، ارسلان علي ، بلال شيخ ، اصدام حسين ، فراز کوسو ، دلاور حسين پنهور ، اقبال شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو . اڳواڻن چيو ته سڄي سنڌ جي آئي بي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه طرفان 40 فيصد مارڪن حاصل ڪرڻ تي آفر آرڊر ڏيڻ جي حڪم باوجود ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ڪرپٽ راشي رشوتي عملدارن آفر آرڊر ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي . جنهن ۾ مرد ۽ عورت جي مقرر ڪيل سيٽن ۾ مرد اميدوارن کي نظر انداز ڪندي ، عورت اميدوارن کي وڌيڪ سيٽون ڏئي سر عام رشوت ورتي وڃي پئي جنهن جو اعلي اختيارين کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ، مظاهرين تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري تعليم سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته ٽنڊو محمد خان ۾ تعليم کاتي جي ڪرپٽ راشي رشوتي عملدارن خلاف فوري طور ڪاروائي ڪري کين برطرف ڪيو وڃي ۽ 40 فيصد مارڪون حاصل ڪندڙ آئي بي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا وڃن . ٻي صورت ۾ اسان پاڻ کي باهه ڏئي ساڙينداسين .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو