سون جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ملڪ ۾ سون جي في تولا قيمت ۾ وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ باوجود ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. سنڌ صرافه بازار جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جو اگهه 2200 رپين جي گهٽتائي سان هڪ لک 57 هزار 400 رپيا ٿي ويو آهي.10 گرام سون جو اگهه 1886 رپيا گهٽتائي سان 1 لک 34 هزار 945 رپيا ٿي ويو آهي.ٻئي طرف عالمي مٽا سٽا ۾ سون جو اگهه 7 ڊالر وڌي 1774 ڊالر في اونس ٿي ويو.واضح رهي ته ڇنڇر جي ڏينهن سون جي قيمت ۾ 1300 رپين جو اضافو ٿيو هو جنهن کانپوءِ 159 هزار 600 رپيا ٿي ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو