اسان آمريڪا کان معافي ڇو گهرون،اهي معافي وٺن: اسد عمر

لاهور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته آمريڪا کان معافي ڇو گهرون، پوءِ آمريڪا اسان کان معافي گهري.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته عمران خان جي اڪثريت واضح ٿي چڪي آهي، سڄو عوام عمران خان سان گڏ بيٺو آهي ۽ مخالف ٽٽي پيا آهن، هنن عمران خان تي ذاتي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته حڪومت ضمني چونڊن ۾ ڌانڌلي جي رٿابندي ڪري رهي آهي، تڪن ۾ غير قانوني ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن.اسد عمر چيو ته حمزه شهباز کي 22 جولاءِ تي آزاد ڪيو ويندو، اليڪشن ڪميشن اڃا تائين مخصوص سيٽن جو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو.هڪ سوال جي جواب ۾ اسد عمر چيو ته آمريڪا کان معافي ڇو گهرون پوءِ آمريڪا اسان کان معافي گهري.

پهنجو تبصرو موڪليو