ايف ايف سي ۾ اسٽريم گيس وال ليڪج ٿيڻ سبب باھ،پلانٽ بند

ميرپورماٿيلو (ن سنڌيار) نجي ڀاڻ فيڪٽري ايف ايف سي ۾ اسٽريم گيس وال ليڪج ٿيڻ بعد باھ لڳي وئي جنهن کان پوءِ ايشيا جي سڀ وڏي کاڌ فيڪٽري جو پلاٽ بند ڪيو ويو ستن ڏينهن اندر مرمتي ڪم مڪمل ڪيو ويندو جنهن کان پوءِ پلاٽ کي بحال ڪيو ويندو، ترجمان ايف ايف سي تفصيل موجب ميرپورماٿيلو ۾ قائم ايشيا جي سڀ کان وڏي کاڌ ٺاهڻ واري فيڪٽري ايف ايف سي جي پلانٽ ۾ گيس وال ليڪ ٿيڻ سبب پلانٽ جي ڪجهه حصي کي باھ لڳي وئي جنهن کان پوءِ فيڪٽري جو پلانٽ عارضي طور تي بند ڪيو ويو ايف ايف سي انتظاميه پاران صحافين کي پلانٽ جو وزٽ ڪرايو ويو جتي پي آر او ايف ايف سي امان الله شر بريفنگ ڏيندي چيو ته واقعي وقت آٽو ڪنٽرول سسٽم تحت صرف 30 سيڪنڊ ۾ ڪنٽرول ڪيو ويو ان وڌيڪ چيو ته واقعي ۾ ڪنهن به قسم جو جاني نقصان نه ٿيو آهي جديد ڪمپيوٽر سسٽم تحت متاثر حصو پنهنجو پاڻ بند ٿي ويو جنهن سبب ڪو وڏو نقصان نه رسيو هڪ سوال جي جواب ۾ ان ٻڌايو ته پلانٽ بند هجڻ سبب روزانو 23 سو ٽن کاڌ جي پيداوار متاثر ٿي آهي مگر ان باوجود به کاڌ جو شارٽ فعال مڪمل ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو